
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
پيپلزپارٽي ٺٽو پاران 26هين ترميم جي خوشي ۾ ٺٽي ۾ جشن ملهايو ويو ۽ آتشبازي ڪئي وئي
پيپلزپارٽي اڳواڻن ۽ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن 26هين آئيني ترميم کي بلاول ڀٽو زرداري جي دانشمندي قرار ڏيندي واضع ڪيو آھي ته سنڌ جي وحدانيت توڙي سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪينالن جي اڏاوت جي پيپلزپارٽي ڀرپور نموني سان مخالفت ڪري رهي آھي ۽ اهڙي قسم جي ڪابه رٿ ايوان ۾ آڻڻ نه ڏني ويندي
26هين آئيني ترميم جي ڪاميابي سان ايوان مان منظوري جي خوشي ۾ پ پ ضلعي ٺٽي پاران ٺٽي جي مين قومي شاهراھ تي جشن ملهائيندي آتشبازي ڪئي وئي پ پ ٺٽي جي ضلعي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ پ پ سنڌ جي صوبائي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور پ پ اڳواڻن عاشق حسين زرداري امتياز قريشي محمود عالم شاھ ڄام احسان جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جشن ملهايو ويو ۽ آتشبازي ڪئي وئي
جشن ملهائڻ جي موقعي تي پ پ اڳواڻن ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه آئين جي مڪمل
بحالي ۽ پارليامينٽ کي خودمختيار ادارو بنائڻ لاء ڪوشان رهي آھي 1973ع جي آئين جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏوهٽي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دانشمندي سان ۽ سياسي بسيرت ذريعي سمورين سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي 26هين آئيني ترميم منظور ڪرائي تاريخ ساز عملي ڪم ڪيو آھي جنهن سان آئيني بئنچون ٺھڻ سان عوام کي عدالتي انصاف ملي سگهندو، پ پ اڳواڻن ضلعي صدر صادق علي ميمڻ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو رياض شاھ شيرازي امتياز قريشي محمود عالم شاھ عاشق زرداري عبدالحميد پنهور ۽ ٻين وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪندي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم سميت پنجاب ۾ نوان ڪئنال وهائي سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف پيپلزپارٽي جو موقف واضع ۽ چٽو آھي ته اهڙين پاليسين سان ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ کي زرعي ۽ معاشي طور تي توڙي پاڻي جي معاملي ۾ نقصان رسندو تنهنڪري اهڙن منصوبن کي فوري طور رد ڪيو وڃي. هنن چيو ته ملڪ ۾ انتظامي يونٽن توڙي سنڌ جي وحدانيت کي خطرو رسائيندڙ ڌريون احمقن جي جنت ۾ رهن ٿيون پيپلزپارٽي اهڙن انتظامي يونٽن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي ۽ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت لاء پيپلزپارٽي شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي کڻي اهڙن سازشن سامهون رُڪ جي ديوار بڻجندي
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


