اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي ارباب علي وساڻ ۾ ثقافت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ ننڍڙي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سوالن جوابن جو مقابلو ڪرايو ۽ شاگردن قومي گيتن تي رقص، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا

02 ڊسمبر 2024
خيرپور/ڪنب (پ ر) اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي ارباب علي وساڻ ۾ ثقافت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان هڪ ننڍڙي پروقار تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سوالن جوابن جو مقابلو ڪرايو ۽ شاگردن قومي گيتن تي رقص، تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا جنهن ۾ ڳوٺ جي معزز شخصيتن صدرالدين وساڻ، عبدالستار علي محمد عبدالقدير ۽ عبدالرحيم خصوصن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر استاد عبدالله وساڻ، استاد رستم علي وساڻ ۽ وڏيري صدرالدين وساڻ خطاب ڪندي چيو

ته سنڌ صوفين بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي سنڌ امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي سنڌو درياءَ ڪارونجهر اسان جا قومي ورثو آهن سنڌو درياءَ تي ڌاڙو سنڌ جي عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندي۔ هنن وڌيڪ چيو ته تعليم ئي انسان کي اعلي عهدي تي پهچائي تي ان ڪري نياڻين کي تعليم ڏيارو نيلسن منڊيلا چيو هو ته اوهان تعليم يافتا ماءَ ڏيو اسين پڙهيل لکيل قوم ڏينداسين۔ ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن فهيم شعيب يسرا ثاقب ڪوثر عبيره ۽ عبدالسمي جن تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو

اپنا تبصرہ بھیجیں