
حيدرآباد ۾ 7 ڏينهن جي پوليوفاٽي مھم جو آغاز

حيدرآباد ۾ 7 ڏينهن جي پوليوفاٽي مھم جو آغاز، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر پير غلام حسين ٻارن کي ڦٽا ڏئي مھم جو افتتاح ڪيو.
سيپٽمبر 2025 جي ايس اين اءِ ڊيز مھم جو افتتاح 29 آگسٽ تي سندھ گورنمينٽ اسپتال قاسم آباد ۾ ٿيو، جيڪو اھڙن شخصن جي اڳواڻي ۾ ٿيو:
جناب فياض حسين عباسي، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن
جناب زين العابدين، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد
ڊاڪٽر پير غلام حسين، ضلعي صحت افيسر حيدرآباد

تقريب جو آغاز معززن ٻارن کي پوليو جا ڦٽا پيارڻ ۽ آڱرين تي نشان لڳائڻ سان باقاعدي طور تي ڪيو ويو.
تقريب ۾ اي سي قاسم آباد، ڊي ٽي ايڇ ۽ ڊي اي او سي جي ميمبرن، تڪنڪي اسٽاف، يو سي ايم اوز، علائقي انچارجز، فرنٽ لائين ورڪرز (ايف ايل ڊبليوز) ۽ ٻين اھم اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي.

افتتاح کانپوءِ اگاھي واک ڪئي وئي.
ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي طرف ھڪ تحريڪي سيشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنھن ۾ ايندڙ ايس اين اءِ ڊيز مھم دوران اعليٰ معيار جي کارکردگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايف ايل ڊبليوز جي ھمت افزائي ڪئي وئي.
حوالا:
ڊي ٽي ايڇ حيدرآباد ٽيم


