10 مھينا اڳ جھمپير لڳ گل احمد ڪمپني ونڊ پراجيڪٌٽ کي ڪرائي تي ڏنل جھمپير واسي غلام محمد چانگ جي ويگو گاڏي ڪراچي مان ڦر ڪئي ويئي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) 10 مھينا اڳ جھمپير لڳ گل احمد ڪمپني ونڊ پراجيڪٌٽ کي ڪرائي تي ڏنل جھمپير واسي غلام محمد چانگ جي ويگو گاڏي ڪراچي مان ڦر ڪئي ويئي، جيڪا اڃان تائين نہ ملڻ خلاف توڙي ڪمپني انتظاميہ طرفان تعاون نہ ڪرڻ خلاف گاڏي جي مالڪن پاران جھمپير لڳ گل احمد ونڊ ڪمپني جي گيٽ اڏو ھڪ احتجاجي مظاھرو گاڏي مالڪ غلام محمد چانگ، شاھ محمد چانگ، اسد گوپانگ، احمد سولنگي، جاڙو چانگ، مامن چانگ، عيسيٰ چانگ، ملان عبدالمجيد چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪري دانھيندي غلام محمد چانگ ۽ شاھ محمد چانگ چيو تہ سندن ويگو گاڏي ڪمپني کي ڪرائي تي گذريل 4/5 سالن کان ڏنل اھي، کين ماھوار گاڏي جو ڪرايو ڏنو ٿو وڃي، جيڪا ڪمپني جي آفيسرن جي استعمال ھيٺ آھي، جنھن تي ڊرائيور بہ ڪمپني طرفان مقرر ٿيل آھي، جيڪا گاڏي 10 مھينا اڳ ڪراچي جي ھڪ پئٽرول پئمپ وٽان ڦر ٿي ويئي، جنھن بعد ڪمپني ساڻن ڪوبہ تعاون نہ ڪيو ۽ ھن وقت تائين گاڏي جي ڳولا ۾ سندن 20 لک روپين کان وڌيڪ خرچو اڇي چڪو آھي، پر گاڏي جو اڃان تائين ڪوبہ پتو پئجي ناھي سگھيو. ھنن چيو تہ گاڏي ڦر جي ڪراچي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ سان گڏ آء جي سنڌ پوليس، ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي لکت ۾ دانھون ڏنيون آھن، پر سندن ڪير بہ دانھون ٻڌڻ وارو ناھي ۽ نہ ئي ونڊ پاور ڪمپني ٿي ڪو تعاون ڪري، غلام محمد چانگ چيو تہ کين خدشو آھي تہ ڪمپني جي آفيسرن ۽ گاڏي ڊرائيور جي ملي ڀڳت سان گاڏي ھٿ سان ڦر ڪرائي کين نقصان پھچايو ويو آھي ۽ ھاڻي ڪمپني انتظاميہ کين گاڏي ڪرائڻ بجاء خاموش رھڻ تي مجبور ڪري نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي مختلف فورسز ھٿان حراسان ڪرايو پيو وڃي، جنھن ڪري مجبور ٿي ڪمپني جي گيٽ آڏو پنھنجي ڦر ڪرايل گاڏي جي واپسي لاء احتجاج جو سلسلو جاري ڪيو آھي، ھنن چيو تہ احتجاج ڪرڻ دوران بہ فون وسيلي نقصان جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پر اسان ڪنھن بہ صورت ۾ احتجاج ختم ڪونہ ڪنداسين. ھنن گھر ڪئي تہ سندن ڦر ڪرائڻ گاڏي جي ذميواري ڪمپني جي آھي، ان ڪري ڦر ڪيل گاڏي کين ڪمپني واپس ڪرائي ٻئي صورت ۾ گاڏي جي واپسي تائين سندن پرامن احتجاج جاري رھندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں