
ڪراچي – انساني حقن جي ڪارڪنن جي نيٽ ورڪ ڏکڻ ايشيا جا انساني حق ( ايس اي ايڇ آر) جي اڳواڻن محمد تحسين، فاروق طاهر ۽ احمد رفيع عالم ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ سال 2022 جي برسات ۽ ٻوڏن جي ڊٿل گهرن جي اڏاوت جي نقشن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، ڇو ته هڪ ڪمري جي اڏاوت کي گهر نه ٿو، جنهن ۾ بورچيخانو ۽ ڪاڪوس گهر موجود نه هجن ۽ هڪ ڪمري ۾ سڀ گهر جا ڀاتي ڪيئن رهي سگهن ٿا ۽ ڪمري جي اڏاوت لاءِ ڏيندڙ رقم جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڪيتري حد تائين اڻ پوري آهي ۽ برساتن جي تباهي جي متاثر ماڻهن جي صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر سروي ڪرائي وڃي، موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن بعد متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي بينڪ ۾ هڪ الڳ ادارو جوڙيو وڃي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي بينڪ طرفان رقم قرض بدران امدادي صورت ۾ ڏني وڃي، حقيقي متاثر ماڻهن تائين رقم جي تصديق لاءِ جائزو ورتو وڃي. هنن چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ نقصانن جا ذميوار ترقي آفته ملڪ آهن ان ڪري اهي موسمي تبديلين جي تباهي جا ذميوار آهن، کين متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته هو سنڌ ۾ 2022 جي برساتن جي تباهي بعد انهن جي گهرن جي تعمير جو جائزو وٺڻ لاءِ شڪارپور، لاڙڪاڻو، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڪجهه متاثر ڳوٺن جو جائزو وٺڻ بعد ان نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌ حڪومت ۽ سندس پارٽي اڳواڻ طرفان 50 لک گهر جي تعمير واري دعوا درست نه آهي، ضلع لاڙڪاڻو جي موهن جو دڙو جي لڳ ننڍي ڳوٺ ڍنڍ ۾ برسات جي تباهيءَ ۾ 40 گهر مڪمل طور ڊهي ويا هئا، جن مان گذريل سموري عرصي ۾ صرف 4 گهرن جي تعمير ٿي آهي ۽ متاثر علائقن ۾ اڃان به ڪيترائي ڪٽنب ڦاٽل خيمن ۾ رهن ٿا، جن کي کاڌي جي راشن، دوائن، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ڪاڪوس پيشاب جي جايون نه هجڻ ڪري خاص طور عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي ناقابل برداش مسئلا ۽ تڪليفون موجود آهن، مليريا، بخار ۽ نمونيا جا ڪيترائي ڪيس موجود آهن، اسپتالن تائين پهچ لاءِ روڊ رستا موجود نه آهن. سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيو ته هڪ ڪمري جي تعمير لاءِ ان وقت به اعلان ڪندڙ 3 لک رقم اڻ پوري آهي ۽ هاڻي وڌندڙ مهانگائي ڪري ان رقم مان هڪ ڪمري جي تعمير ممڪن نه آهي، ان ڪمري کي گهر نه ٿو چئي سگهجي جتي بورچيخانو، ڪاڪوس پيشاب جي لاءِ جاء، گندي پاڻي جو نيڪال ۽ چو طرف ڀت نه هجي، ان ڪري ان رقم جو نئين سر جائزو ورتو وڃي. هنن چيو ته برسات ۽ ٻوڏن جي تباهي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار عورتون، ٻار، پوڙهيون عورتون ۽ مرد ٿيا آهن، جن کي اڻ پوري خوراڪ جي ڪري بيماريون متاثر ڪن ٿيون ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊٿل اسڪولن ۽ رستن جي تعمير نه ٿي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سرسو سميت ڪنهن به سماجي تنظيم ۽ اداري کي بحالي واري ڪمن ۾ وقت جي حڪومت جي سياسي ڪمن ۾ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ متاثر گهرن جي تعمير لاءِ مقامي وڏيرن جي خواهشن موجب متاثرن جي بحالي لاءِ هدايتن بدران سروي ٿيل گهرن جي تعمير ٿيڻ گهرجي.


