
ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جي چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ سيد خالد حيدر شاهه، ميمبرن عبدالرحيم سومرو، قانون واري سيڪريٽري علي احمد بلوچ ۽ ڊي جي ڪميشن ذوالفقار علي نظاماڻي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ماڙيپور وچ ۾ آپٽڪ فائبر ڪيبل لڳائڻ واري معاملي تي ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌو ويو. اجلاس ۾ ماڙيپور ٽائون چيئرمين همايون خان کان علاوه ٽائون جي ڊائريڪٽر ايڊمن، قانوني صلاحڪار ۽ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر. ايل ڊي اي طرفان سيڪريٽري ايل ڊي اي، ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ ۽ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر پنهنجا موقف پيش ڪيا. ٻنهي ڌرين دعويٰ ڪئي ته روڊ کي پنهنجون حدون آهن ۽ ان جي ادائيگي تي اصرار ڪيو. ڪميشن سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌا. بعد ۾ ڪميشن حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٽي ايم سي شاهه لطيف ۽ ٽي ايم سي حسين آباد وچ ۾ حددخلين جي تڪرار تي ٻنهي ڌرين جو موقف پڻ ٻڌو. ايڇ ايم سي طرفان، انهن جي ميونسپل ڪمشنرن ۽ ٻنهي ٽي ايم سي جي چيئرمينن پنهنجا موقف پيش ڪيا. بعد ۾ دادو مارڪيٽ ڪميٽي دادو ميونسپل ڪارپوريشن پاران جانورن جي مارڪيٽ جو ڪنٽرول هٿ ۾ ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ان تي به فيصلو محفوظ ڪري ورتو. يونين ڪائونسل لکي ميرواهه ۽ ضلعي ڪائونسل ٽنڊو محمد خان ۾ چوپايو مال سميت ٻين ٽيڪسن جي وصولي بابت ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هدايتن بعد حيدرآباد سرڪل معاملي کي ڪميشن ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ٻنهي ڌرين جا موقف وٺن ۽ جلد فيصلي لاءِ معزز عدليه کي پيش ڪن. اجلاس ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ چيئرمين سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن سعيد غني چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪرار کي بنا ڪنهن دٻاءَ جي قانون موجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪميشن جا سمورا ميمبر آزاديءَ سان پنهنجي حتمي فيصلو حتمي راءِ تي ٻڌل هوندو آهي. هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع عوامي مفاد ۾ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ان جو ثمر هيٺئين حصي تائين ورهائي سگهجي ۽ عام عوام کي به فائدو پهچي سگهي. سعيد غني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن موجب صوبي جي سمورن ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز يا ميونسپل ڪارپوريشنز يا يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽين کي اختيار ڏنا ويا آهن ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن حوالي ڪيا ويا آهن. انهن جي اختيارن کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاء هڪ پليٽ فارم آهي.


