پاڪستان جي معيشت مثبت اشارن ڏانهن وڌي رهي آهي، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف پنهنجي انتشار پسند باني جي فلسفي ”مان نه ته ڪجهه نه“ تي عمل پيرا آهي، ناصر شاهه

تاريخ 23 نومبر 2024
.صوبائي وزير ناصر شاهه پاران ايڪسپو سينٽر ۾ 4 ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين
ڪراچي (23 نومبر): توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايڪسپو سينٽر ۾ 4 ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع جي ڪامياب انعقاد تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار (Ideas 2024) منعقد ڪرڻ اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. هن چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2024ع ۾ دفاعي، جنگي ۽ فوجي سامان جي خريداري ۽ وڪري لاءِ اربين رپين جا 82 معاهدا ڪيا ويا. آئيڊياز 2024 دفاعي مارڪيٽ جي نمائش، سيلز، گڏيل منصوبن، آئوٽ سورسنگ ۽ ٽيڪنيڪل تعاون ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيڊياز 2024 پاڪستان جي دفاعي مارڪيٽ جي ترقي لاءِ بين الاقوامي تعاون، ڪاروباري موقعن ۽ مقامي صنعت جي ترقي لاءِ راهه هموار ڪري ٿو. ناصر شاهه چيو ته آئيڊيا 2024 ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته پاڪستان جتي به امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو دفاعي صلاحيت ۾ ڪنهن کان پوئتي ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جا وڏا موقعا موجود آهن. پاڪستاني معيشت مثبت اشارن ڏانهن وڌي رهيو آهي. پاڪستان دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردن خلاف ڪيترائي قربانيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي ان ڪري هڪ صوبائي حڪومت سرڪاري سامان ۽ مشينري سان اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي ساڳي ايجنڊا جي هڪ غير سياسي عورت پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهي ٿي. ناصر شاهه چيو ته دهشتگرد پارا چنار ۾ بيگناهه مسافرن جو قتل عام ڪري رهيا آهن، ڪي پي جي صوبائي حڪومت اسلام آباد تي حملي جي تياري ڪري رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي سموري قيادت پنهنجي انتشار پسند باني جي فلسفي ”مان نه ته ڪجهه نه“ تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف هميشه ملڪ ۾ انتشار ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي افراتفري کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ بدمعاشي، ڌرڻن ۽ حملن جي اجازت نه ڏني ويندي.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر اطلاعات/ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
صوبائي وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں