سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو (GPEI) جي سڀ کان وڏي پاليسي ساز اداري پوليو اوور سائٽ بورڊ (POB) جي عملدارن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي


ڪراچي (22 نومبر)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو (GPEI) جي سڀ کان وڏي پاليسي ساز اداري پوليو اوور سائٽ بورڊ (POB) جي عملدارن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ صوبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ڪرس ايليس جي سربراهي ۾ بورڊ چيلينجن باوجود پوليو خلاف وڙهڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم کي ساراهيو. اجلاس ۾ عالمي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ سطحي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ ڊاڪٽر حنان بلخي (ريجنل ڊائريڪٽر WHO)، سنجيو وجيسڪيرا (ريجنل ڊائريڪٽر يونيسيف)، عزيز ميمڻ (ٽرسٽي روٽري فائونڊيشن)، آمريڪي سي ڊي سي ۽ ڪنگ سلمان هيومينيٽيرين ايڊ ۽ رليف سينٽر (KSR) جي نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ حڪومت پاران اجلاس ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، صوبائي سيڪريٽريز، ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر ارشاد سوڍڙ ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ حڪومت جي 24 ڪلاڪ ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال 13 ڪيسن جي ڀيٽ ۾ 34 مهينن ۾ پوليو جو ڪوبه ڪيس سامهون ناهي آيو. اسان 4500 اضافي اسٽاف کي سڀ کان وڌيڪ انڪار ڪندڙ علائقن ۾ مقرر ڪيو ۽ عوامي نمائندن کي متحرڪ ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ انڪار جي ڪيسن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي. هن اهو پڻ چيو ته تازي مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪرز 20 هزار پوليس اهلڪارن جي مدد سان هڪ ڪروڙ 16 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا. سنڌ حڪومت جي تازي پوليو مهمن مان انڪشاف ٿيو آهي ته لوڪل پوليو ويڪسين ڪوالٽي اسيسمينٽ سروي (LQAS) جي شرح سيپٽمبر ۾ 89 سيڪڙو ۽ آڪٽوبر ۾ 84 سيڪڙو هئي. وڏي وزير موثر رابطي ذريعي ويڪسينيشن کان انڪار ڪندڙن جي خاتمي تي زور ڏنو. هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن، روٽري انٽرنيشنل سميت سمورن عالمي ڀائيوارن جي مدد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سنڌ حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته جيئن ڪراچي جهڙن خطرناڪ علائقن ۾ خاميون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عالمي ڀائيوارن جي مدد سان صوبي مان پوليو جي خاتمي ۽ هر ٻار جي حفاظت لاءِ پرعزم آهيون. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه فرنٽ لائن ورڪرن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ مقامي برادرين سان بنا رڪاوٽ ويڪسينيشن مهم لاءِ رابطا ڪرڻ ۾ حڪومت جي ڪردار کي اجاڳر ڪيو. مهمان وفد پوليو مهم کي موثر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جاچڻ واري اسڪور ڪارڊ ۽ شفاف احتساب فريم ورڪ کي پڻ ساراهيو. اجلاس صوبائي حڪومت ۽ عالمي ڀائيوارن جي گڏيل عزم سان پڄاڻي تي پهتو ته جيئن چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. وڏي وزير پي او بي جي مدد تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان ۾ پوليو خلاف سنڌ جي قيادت جي ڪردار کي ورجايو. ياد رهي ته پوليو اوور سائٽ بورڊ (POB) سڄي دنيا ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي نگراني ڪندو آهي. بورڊ ۾ WHO، يونيسيف، سي ڊي سي، روٽري انٽرنيشنل، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن، گيوي ۽ ويڪسين الائنس شامل آھن. بورڊ جو ڌيان سڄي دنيا ۾ باقي رهندڙ پوليو متاثره ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان تي آهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں