سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ خاص طور سجاول واسين کي مبارڪباد

ڪراچي (15 نومبر)؛ صوبائي وزير توانائي، منصوبابندي ۽ ترقيات سيد ناصر حسين شاهه سجاول ضلعي جي شاهه بندر بلاڪ ۾ واقع پتيجي 6 ايڪسپلوريشن کوهه مان گئس ۽ ڪنڊينسيٽ جي وڏي دريافت جو اعلان ڪيو آهي جنهن مان روزانو 11.7 ملين ڪيوبڪ ميٽر فٽ(MMSCFD) معياري گئس ۽ 198 بيرل روزاني (BPD) ڪنڊينسيٽ پيدا ڪيو پيو وڃي. سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ (SEHCL)، شاهبندر بلاڪ ۾ هڪ جوائنٽ وينچر پارٽنر آهي جيڪو 2.5 سيڪڙو ڪم ڪرڻ تي دلچسپي رکي ٿو. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) 63 سيڪڙو ميجارٽي طور ڪم ڪري ٿي جڏهن ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ (MPCL) ۽ گورنمينٽ هولڊنگس (Pvt) لميٽيڊ (GHPL) وٽ ترتيبوار 32 سيڪڙو ۽ 2.5 سيڪڙو ڪم ڪرڻ جا حق آهن. صوبائي وزير ناصر شاهه موجب پتيجي-6 کوهه 11 آڪٽوبر 2024 تي کوٽيو ويو ۽ لوئر گورو فارميشن ۾ اپر سينڊز جي هائيڊرو ڪاربن جو اندازو لڳائڻ لاءِ 2475 ميٽر اونهائي تائين کوٽائي ڪئي وئي. کوهه جي جاچ ڪرڻ ۽ کوٽائي مان سٺا نتيجا نڪتا جنهن مان روزاني 11.7 ملين ڪيوبڪ فوٽ (MMSCFD) معياري گيس ۽ 198 بيرل في ڏينهن (BPD) ڪنڊينسيٽ پيدا ٿيو آهي. اهي نتيجا پي ايس آئي 2578 جي ويل هيڊ فلونگ پريشر (WHFP) تحت حاصل ڪيا ويا جنهن جي چوڙائي 32/64 انچ ماپ هئي. صوبائي وزير چيو ته کوهه جي دريافت سنڌ جي شاهبندر بلاڪ جي هائيڊرو ڪاربن جي صلاحيت کي اجاڳر ڪيو آهي ۽ ان سان ملڪ جي توانائي وسيلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. صوبائي وزير چيو ته اميد آهي ته بلاڪ ۾ وڌيڪ ڳولا ۽ ترقياتي سرگرميون جاري رهنديون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ خاص طور سجاول واسين کي مبارڪباد ڏني.

==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp


8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے

( 03094386375 )
WhatsApp


Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact

( 03094386375 )
WhatsApp
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں