جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ جي ٻيهر جوڙجڪ جو معاهدو

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ جي ٻيهر جوڙجڪ جو معاهدو

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ هڪ نئون 25 سالن جو معاهدو ڪيو آهي، سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو تازو جي ايس ايم يو جي سينيٽ جي ڇهين ميٽنگ ۾ هڪ تحقيقي ادارو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ان انسٽيٽيوٽ جي ٻيهر جوڙجڪ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي.
جي ايس ايم يو جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ ان معاهدي جي موقعي تي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي ويزن جي تعريف ڪئي ۽ جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول ۽ پروفيسر طارق محمود جا ٿورا مڃيا، جن جي مدد سان اهو منصوبو ۽ معاهدو پورو ٿيو.
ان معاهدي جو مقصد بي ايم ايس آءِ کي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي تحت هڪ اسڪول آف پوسٽ گريجويٽ اسٽڊيز ۾ تبديل ڪرڻ آهي، جتي بنيادي ۽ ڪلينڪل سائنسز سان گڏوگڏ لاڳاپيل صحت جي شعبن ۾ به پروگرامز پيش ڪيا ويندا.
ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي پروفيسر شاهد رسول چيو ته ”هيءَ ڀائيواري بي ايم ايس آءِ جي تعليمي ۽ تحقيقي صلاحيتن ۾ زبردست واڌ ڪندي، ان کي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي تعليمي فريم ورڪ ۾ شامل ڪري اسان گڏيل پوسٽ گريجويٽ پروگرامز پيش ڪري سگهنداسين، جيڪي صحت جا نوان پيشيور ماهر تيار ڪندا ۽ خطي ۾ طبي تحقيق کي هٿي ڏيندا“.
ان 25 سالن جي معاهدي تحت جي ايس ايم يو بي ايم ايس آءِ جي سڀني انتظامن ۽ تعليمي معاملن جي نگراني ڪندو، جنهن ۾ نئين فيڪلٽي ۽ عملي جي ڀرتي، نئين داخلا ۽ اداري جي تحقيقي ضرورتن موجب هسٽوپيٿالوجي ۽ مائيڪروبائيولاجي ليب جون خدمتون شامل آهن.
ان مفاهمتي يادداشت تي رجسٽرار جي ايس ايم يو ڊاڪٽر اعظم خان ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي پروفيسر شاهد رسول صحيحون ڪيون، شاهدن ۾ جي ايس ايم او جو ڊين بيسڪ ميڊيڪل سائسنز پروفيسر محمد اظهر مغل ۽ ڪوآرڊينيٽر بي ايم ايس آءِ پروفيسر ڊاڪٽر ڪوثر عباس سالديرا شامل هئا.
هيءَ ڀائيواري خطي ۾ تعليمي ۽ تحقيقي منظر نامي کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ گڏيل پوسٽ گريجويٽ پروگرامز ذريعي صحت جا پيشيور ماهر تيار ڪندي. تقريب ۾ جي پي ايم سي ۽ جي ايس ايم يو جي سڀني ادارن جي سربراهن ۽ چيئرپرسنز شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں