
ٺٽو (رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) يوسي سونڊا جي ڪينجهر لڳ گولائي اسٽاپ واري ڳوٺ احمد خان سولنگي جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل، اسڪول ۾ استاد نہ اچڻ ڪري اسڪول جا ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم بڻيل. تفصيل موجب يوسي سونڊا جي ڪينجهر ويجهو گولائي اسٽاپ واري ڳوٺ احمد خان سولنگي جو بوائز پرائمري اسڪول ڪافي مهينن کان بند ٿي وڃڻ ڪري اسڪول جا ٻارڙا تعليم پرائڻ کان محروم بڻجڻ سان گڏ اسڪول ۾ گند ڪچرو جمع ٿيڻ ڪري اسڪول جي حالت بدتر بڻجي ويئي آھي، ان سلسلي ۾ مذڪورہ ڳوٺ جي رھواسي قادر بخش سولنگي ٻڌايو تہ اسان جي ڳوٺ جو اسڪول ڪافي مهينن کان بند ٿيڻ ڪري اسانجا ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، پر ھن اسڪول جي ڪير بہ سار لهڻ وارو ناهي، ھن تعليم کاتي جي عملدارن سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي تہ سندن معصوم ٻارڙن تي رحم کاتي سندن اسڪول ۾ ايماندار ۽ محنتي استاد مقرر ڪري بارڙن کي تعليم ڏياري اسڪول جي زبون حال بلڊنگ ۽ چوديواري ٺھرائي ڏني وڃي جيئن معصوم ٻارڙا پريشاني ۽ امڪاني نقصان کان بچي سگھن.
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي شھر ۾ لوهارڪو ڪم ڪندڙ ڪاريا برادري جي ڪکاون گهرن کي باھ لڳي وئي 10 گهر سڙي رک
ٺٽي شھر جي ڪرسچن ڪالوني لڳ ڪچي آبادي ۾ رهندڙ لوهارڪو ڪم ڪندڙ ڪارهيا برادري جي گهرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا پورهيتن پرڪاش ڪمار ٺيرٺ داس جڳديش لالچند ڪشور ڪمار لالُو مولچند اُتمو پُرشوتم ۽ مختيار جي گهرن کي اوچتو باھ لڳي وئي گهرن ۾ پيل سمورو الھ تلھ گهريلو سامان هنڌ بسترا پڻ سڙي رک ٿيڻ ڪري متاثر خاندان سخت پريشان ٺٽي ۽ مڪلي ۾ فائر برگيڊ جون ٻئي گاڏيون خراب هجڻ سبب باھ وسائڻ لاء انتظاميه جي طرفان متاثر ڪاريا برادري جي گهرن کي بچائڻ جي ڪابه مدد فراهم نه ڪئي وئي ٻين گهرن کي شھرين همت ڪري سڙڻ کان بچائي ورتو متاثر خاندانن پاران سندن واهر ۽ سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آھي باھ لڳڻ ۽ وسامجي وڃڻ کانپوء ڊي سي ٺٽو پاران اماڻيل اسسٽنٽ مختيارڪار عزيز ميمڻ متاثر ڪاريا برادري جي سڙي ويل گهرن جو پهچي جائزو ورتو کين ٽينٽ ۽ راشن فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي اسسٽنٽ مختيارڪار ٺٽو عزيز ميمڻ پاران ٺٽي ۽ مڪلي جون ٻئي فائر برگيڊون پراڻيون هجڻ سبب استعمال هيٺ نه هجڻ جو اعتراف ٿيو آھي
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي جي ساحلي شھر گهوڙاٻاري جي شھرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاء ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري پاران لڳايل آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ويو ان سلسلي ۾ افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالحميد پنهور ٽائون ڪميٽي گهوڙاٻاري جي چيئرمين رمضان پنهور سان گڏجي گهوڙاٻاري ۾ قائم ڪيل آر او پلانٽ جو افتتاح ڪيو ۽ گهوڙاٻاري جي واٽر سپلائي اسڪيم تي لڳايل سولر سسٽم واري منصوبي جو ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور دورو ڪري جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي گهوڙاٻاري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين رمضان پنهور کيس گهوڙاٻاري ۾ ٽائون ڪميٽي پاران آر او پلانٽ واٽر سپلائي اسڪيم ۽ سولر سسٽم واري منصوبي بابت کيس آگاهي ڏني ان موقعي تي ڳالهائيندي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقلي کانپوء مڪاني ادارن ذريعي به ڪيترائي منصوبا شروع ڪرايا آھن ۽ گهوڙاٻاري ٽائون ڪميٽي جي انتظاميه پاران آر او پلانٽ جو قيام ڏورانهين علائقي گهوڙاٻاري جي شھرين لاء پيئڻ جي پاڻي جي وڏي سهولت جو ڪارڻ بڻجندو هن چيو ته ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پاران منظور ڪرايل اڪثر ميگا منصوبا تيزي سان هلندڙ آھن ۽ ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آھن وڌيڪ اسڪيمن لاء پڻ سفارش ڪئي وئي آھي.
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


