
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سي آء اي پوليس ٺٽي جي انچارج انسپيڪٽر ممتاز علي بروھي پوليس ٽيم سان گڏ باء پاس روڊ ٺٽو/سجاول سولنگي سروس اسٽيشن ويجھو PSO ڪمپني جي ھڪ آئل ٽينڪر نمبر TLM 835 تي ڪامياب ڇاپو ھڻي گٽڪا مٽيرل سپلائير جوابدار عبدالڪريم ولد غلام رسول بروھي رھندڙ حب چوڪي بلوچستان کي گرفتار ڪري آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي آئل ٽينڪر مان 600 ڪلو گٽڪا مٽيرل ۽ 500 پيڪٽ گٽڪا ماوا ھٿ ڪري مٿس ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري پوليس وڌيڪ جانچ جاري ڪري ڇڏي آھي، ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي CIA پوليس ٺٽي جي انچارج انسپيڪٽر ممتاز علي بروھي چيو تہ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آء جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي خاص ھدايتن تي ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروايون جاري آھن، ھن چيو تہ باء پاس روڊ ٺٽو/سجاول سولنگي سروس اسٽيشن ويجھو پي ايس او ڪمپني جي آئل ٽينڪر تي ڇاپو ھڻي وڏي مقدار ۾ گٽڪا مٽيرل ۽ گٽڪا ماوا ھٿ ڪري آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي ھڪ گٽڪا مٽيرل سپلائير جوابدار عبدالڪريم بروھي کي گرفتار ڪري مٿس ٺٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ممتاز علي بروھي چيو تہ ڏوھاري توڙي منشيات فروش ڪيترو بہ بااثر ڇو نه ھجي پر قانون کان ڪڏھن بہ بچي ڪونہ سگھندو. ھن چيو تہ سندن ڪاروايون ڏوھارين توڙي منشيات فروشن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھنديون.


