سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مان سنڌ جي سڀني ماڻهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن ڪينالن جي معاملي تي احتجاج ڪيو،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مان سنڌ جي سڀني ماڻهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن ڪينالن جي معاملي تي احتجاج ڪيو، پنهنجي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ کي پيغام ڏنو ته سڀني سياسي اختلافن ۽ ناراضگي جي باوجود سنڌ صوبي جا ماڻهو سنڌ جي مفادن جي نالي تي متحد آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندي، ان تي آواز اٿاريو ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته هو هن مسئلي جو حل ڳولي انشاءَ الله، سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ماڻهن جي موقف کي ذهن ۾ رکندي سنڌو درياهه تي ڪينال منصوبن کي روڪيندو. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته مان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي عوام کي هن تڪراري منصوبي تي قدم کڻڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. سعيد غني چيو ته مان سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته سنڌ لاءِ هڪ تڪراري منصوبو سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ وارو معاملو دفن ٿي چڪو آهي هاڻي اهو معاملو سي سي آءِ ۾ پيش ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت ۽ عوام کي ڊپ هو ته هي تڪراري منصوبو سنڌ ۾ پاڻي جي فراهمي کي گهٽائي ڇڏيندو، جنهن سان اسان جي زرعي معيشت ۽ شهرين لاءِ پيئڻ جو پاڻي ملي نه سگهي ها جنهن مان صوبي جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ها. سعيد غني پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ حڪومت هن تڪراري منصوبي تي سڀني فورمن تي آواز اٿاريو، اسان ايڪنڪ ۾ ان تي اعتراض ڪيو، ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو ۽ ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ بابت ڪيس گذريل 9 مهينن کان سي سي آءِ ۾ التوا ۾ هو، پر وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس نه سڏائي رهي هئي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندي هن مسئلي تي آواز اٿاريو ۽ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته هو هن مسئلي جو حل ڳولي، جنهن جي نتيجي ۾، اصولي طور تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته صوبن جي وچ ۾ معاهدو ٿيڻ تائين سنڌو درياءَ مان ڪو به نئون تڪراري ڪينال جو ڪم شروع نه ٿيندو ۽ ان حوالي سان 2 مئي تي سي سي آءِ جو اجلاس پڻ سڏايو ويو آهي. سعيد غني چيو ته، انشاءَ الله، سي سي آءِ هن اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ماڻهن جي موقف کي ذهن ۾ رکندي، سنڌو درياءَ تي ڪينال منصوبن کي روڪيندو. سعيد غني چيو ته مان سنڌ جي سڀني ماڻهن جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن معاملي تي احتجاج ڪيو، پنهنجي راءِ جو ڀرپور اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ کي پيغام ڏنو ته سڀني سياسي اختلافن ۽ ناراضگين جي باوجود سنڌ صوبي جا ماڻهو سنڌ جي مفادن جي نالي تي متحد آهن. مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي عوام کي به هن تڪراري منصوبي تي اهڙي فيصلي تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں