سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي، نَون ڪئنالن جي اڏاوت ۽ زمينن تي والار توڙي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران مڪلي تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو

ٺٽو علي گوهر قمبراڻي
سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي، نَون ڪئنالن جي اڏاوت ۽ زمينن تي والار توڙي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران مڪلي تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نئين چونڊيل ضلعي صدر رزاق چانڊيو نائب صدر مٺا خان لاشاري جنرل سيڪريٽري شاھ محمد چانگ جوائنٽ سيڪريٽري ادريس پليجو رياض احمد عباسي احمد خشڪ گهنور خان زنئور امان الله بروهي اسلم سمون مجاهد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ غلام الله چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي ۽ مظاهري ۾ شامل عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي هٿن ۾ پينافليڪس هئا.جيڪي سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال نامنظور زمينن تي والار نامنظور جا نعرا هڻي رهيا ھئا نيشنل پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مظاهري کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن رزاق چانڊيو شاھ محمد چانگ مٺا خان لاشاري ۽ ٻين چيو ته سنڌو دريا تي نوان ڪئنال اڏي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش تي وفاق ۽ پنجاب مڪمل طور تي عمل پيرا آھن جنهن سبب مستقبل ۾ سنڌ لاء سنگين خطرا وڌي رهيا آھن هنن چيو ته هڪ طرف چولستان جھڙن بيابانن کي آباد ڪرائڻ لاء نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي سڪايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ارسا جي جوڙجڪ لاء ترميمن جي قانونسازي ڪرائي من پسند ارسا جو چيئرمين آڻي ننڍن صوبن جي پاڻي حقن کي غضب ڪرڻ جي سازش جوڙي وئي آھي. هنن چيو ته ملڪ اندر سرسبز پاڪستان جي نالي تي زمينن تي والار ڪري سنڌ جي زمينن کي اشرافيه حوالي ڪرڻ جو پڻ منصوبو جوڙيو ويو آھي اهڙيون سازشون سنڌ جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن عوامي تحريڪ اهڙين سازشن خلاف ڊگهي جدوجهد جاري رکندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں