ايف ايم 92 ريڊيو نوري آباد جي سمورن نمائندن جي اھم گڏجاڻي ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا تي اسٽيشن مئنيجر سھيل احمد ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي گذري،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايف ايم 92 ريڊيو نوري آباد جي سمورن نمائندن جي اھم گڏجاڻي ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا تي اسٽيشن مئنيجر سھيل احمد ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ نور محمد ڀٽو، محمد ايوب ملاح، انيس ھيلايو، شريف رند، محمد حنيف ملاح، قادر خاصخيلي، اڪيلو الھبچايو کٽي، محمد موسي قمر، خميسو بروھي، سيد پير محمد شاھ، ڊاڪٽر بچل نندو، ولي محمد جتوئي ساجد قادر خاصخيلي، اظھر ڀٽو سميت سمورن نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ريڊيو جي پروگرامن ۾ وڌيڪ نواڻ آڻڻ سان گڏ ڳوٺاڻي ڪچھري جي پروگرام کي شروع ڪرڻ سميت نوان آواز متعارف ڪرائڻ سميت پھرين جولاء کان پھريون خبرن جو بليٽن رات جو 8 وڳي نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اجلاس کي خطاب ڪندي سھيل ڀٽو چيو تہ ايف ايم 92 ريڊيو عوام جي ڄاڻ جو اھم ذريعو ھجڻ سان گڏ ھر مظلوم جو اواز اعلي ايوانن تائين پھچائي ٿو، جنھن جي پروگرامن ۾ وڌيڪ نواڻ آڻڻ سان گڏ مقامي نون آوازن کي بہ متعارف ڪرايو ويندو.
===============

اپنا تبصرہ بھیجیں