ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 6 نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان جهمپير بائي پاس کان جهمپير شهر تائين ھڪ احتجاجي ريلي


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ 6 نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان جهمپير بائي پاس کان جهمپير شهر تائين ھڪ احتجاجي ريلي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو، مٺا خان لاشاري، شاهه محمد چانگ، بلاول لاشاري، غلام علي زئور، انور پالاري، امان الله بروهي، صدام چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو ته 14 مارچ درياهن کي بچائڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌو درياھ جي مختلف هنڌن مهراڻ سکر، خيرپور لاڙڪاڻو پل، دادو مورو پل، المنظر ڄام شورو، دولھ درياھ خان پل ٺٽو سجاول ۾ سنڌو درياھ جي ڪناري تي سنڌو کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري درياھ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاج ڪيو ويندو. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڪوهستان، ڪاڇي سميت سموري سنڌ ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي. ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ونڊ پاور پروجيڪٽ ڊي ايڇ اي سميت مختلف قبضاگيري ڪمپنين ۽ پروجيڪٽن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن قبضو ڪيو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کان زمينون ڦري ڪمپنين کي زمينون ڏئي سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته وفاقي سرڪار منڇر کي بحال ڪرڻ بدران حمل ڍنڍ کي به زهريلو بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. ڪڇي ڪئنال کان واهه کوٽي ان ذريعي ٻين صوبن جو غلاظت وارو پاڻي حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو واپڊا جو فيصلو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي سنڌ جو پاڻي فراهم ڪري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، مراد علي شاهه ڪئنال ڪو نه ٺهندا جا بيان جاري ڪري سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪا سازش ھرگز قبول نہ ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں