نوجوان طبقي ۾ آپگهات جي شرح سڀ کان وڌيڪ ۽ حيران ڪندڙ آهي: نفسياتي ماهر ڊاڪٽر چوني لال

آپگهات جي روڪٿام واري عالمي ڏهاڙي تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سيمنار ڪوٺايو ويو

”هر سال 720،000 ماڻهو آپگهات سبب مري ويندا آهن، خاص طور تي گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ 15 کان 29 سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ اِها شرح سڀ کان وڌيڪ آهي، هي ڳڻتي جوڳا انگ اکر اسان کي ٻڌائين ٿا ته خودڪشي بابت گفتگو کي تبديل ڪرڻ ۽ ان کي عوامي صحت جو اهم مسئلو تصور ڪرڻ ضروري آهي“ جناح استپتال جي نفسيات واري شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر چوني لال اهڙن خيالن جو اظهار جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي سهڪار سان خودڪشي جي روڪٿام واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪوٺايل سيمينار ۾ ڪيو، سيمينار جو عنوان ” ڪهاڻي کي تبديل ڪرڻ: خودڪشي جي روڪٿام تي گفتگو جو آغاز “ هو.

سيمينار کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ سيمينار شامل ماڻهن کي مخاطب ڪندي چيو ته ” خودڪشي دنيا ۾ موت جو هڪ ٻيو وڏو ڪارڻ آهي، پر خودڪشي واري معاملي تي خاموشي ان کان وڌيڪ سنگين مسئلو آهي، اسان کي ان بحران تي روشني وجهڻ ۽ ڪميونٽي کي اثرائتي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.“

سي ايم اي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راحت ناز چيو ته ” اسان کي خودڪشي بابت ڪهاڻي کي شرم ۽ خاموشي کان همدردي ۽ عمل واري پاسي تبديل ڪرڻو پوندو ته جيئن جيڪي ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن اُهي محفوظ محسوس ڪن ۽ مدد حاصل ڪري سگهن اِها اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان کي اها فوري طور تي پوري ڪرڻ گهرجي.“

سيمينار ۾ نيشنل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال آفريدي ۽ ڊاڪٽر جاويد درس آپگهات جي مُنجهيل عملن تي روشني وڌي، هنن معياري ذهني صحت جي خدمتن تائين پهچ وڌائڻ، ڪميونٽيز کي خطري جي علامتن جي نشاندهي ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ ۽ مدد لاءِ رستي ۾ موجود رنڊون گهٽائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

سيمينار ۾ زندگيءَ جي مختلف مرحلن جي نقطه نظر سبب آپگهات جي روڪٿام جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو، جنهن ۾ انفرادي ۽ ڪميونٽي جي مضبوطي، سماجي لاڳاپن جي حوصلا افزائي ۽ آپگهات جي خيالن جي بنيادي سببن تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن جي عڪاسي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءِ جي پرفارمنگ آرٽس سوسائيٽي جي ذريعي پيش ڪيل هڪ ڊرامي ڪئي.

هي سيمينار صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن، شاگردن ۽ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ جي فيڪلٽي ميمبرن جي سهڪار سان ڪوٺايو ويو جيڪو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿوته يونيورسٽي زندگين کي بچائڻ ۽ معاشري ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ لاءِ مصروفِ عمل آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں