سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 12 هون اجلاس منعقد، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ مختلف اڪيڊمڪس ميٽرز بابت ٺهراءَ پاس

پريس رليز
سکر (پ-ر) سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 12 هون اجلاس اڱاري ڏينهن 30 مئي 2023 تي يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۾ اڪيڊمڪ بلاڪ جي ميٽنگ روم ۾ منعقد ٿيو، اجلاس جي صدارت وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ڪئي. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر، مختلف شعبن جي هيڊ آف دي ڊيپارٽمينٽس ۽ سمورن اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪائونسل سمورا التوا وارا تعليمي معاملا اتفاق راءِ سان پاس ڪيا.


سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي صدارت ۾ 12 هون اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم تعليمي معاملن ۽ انهن اسٽريٽجڪ عملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جن جو مقصد اداري جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ مختلف ايجنڊا آئٽمز تي ڊسڪس ڪيو ويو، جن ۾ نصاب، تحقيقي منصوبن، داخلا پاليسي جو جائزو ۽ سب ڪيمپسز جي منظوري سميت اهم

فيصلا شامل آهن. نصاب کي اپڊيٽ ڪرڻ سميت ۽ موجوده پروگرامن جي نظرثاني ۽ انهن کي صنعت جي گهرجن ۽ ايڇ اي سي جي معيار موجب ترتيب ڏيڻ لاء ڪيل اڳڀرائين کي انڊورسمينٽ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪائونسل جي ميمبرن سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ تعليمي معيار کي فروغ ڏيڻ ۽ لرننگ ايڪسپرينسز کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم تجويز پڻ ڪيا. اجلاس ۾ ڪيترن ئي اهم ميٽرز، بشمول يونيورسٽي جي مجموعي تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مستقبل جي منصوبن تي غور ڪيو ويو. ڪائونسل جي ميتنگ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ معياري تعليم ۽ تحقيق وارين عملن جي اهميت تي زور ڏنو. وائيس چانسلر، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو ۽ اڪيڊمڪس لاءِ سازگار ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ فيڪلٽي ميمبرن، اسٽاف ۽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو.
12 هين اڪيڊمڪ ڪائونسل جو اجلاس سکرآءِ بي اي يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ نئين جذبي مقصد ۽ عزم کان ورجائيندي پڄاڻي تي پهتو. پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي اڳواڻي ۾، ادارو، معياري تعليم مهيا ڪرڻ، تحقيق ۽ جدت کي فروغ ڏيڻ، ۽ شاگردن کي متحرڪ ۽ مقابلي واري دنيا لاءِ تيار ڪرڻ ۾ قابل ذڪر پيش رفت ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف عمل آهي.

سکر
31 مئي، 2023
======================

اپنا تبصرہ بھیجیں