
تازو پيل برساتن حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، فوزيه صديقي،
بارشن کان پوءِ ڪراچي جا روڊ تباهه ٿي ويا آهن، فوزيه صديقي
اربين جي بجيٽ هوندي به ڪراچي کي کنڊر بڻايو ويو آهي، فوزيه صديقي
لياقت آباد، گلبرگ ٽائون، عزيزآباد سميت ٻيا علائقا تباهي جو شڪار آهن، فوزيه صديقي
فوري طور ڪراچي جون روڊون ٺاهي عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍيو وڃي، فوزيه صديقي
ڪراچي (پريس رليز، 28 آگسٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي سيڪريٽري اطلاعت ۽ ترجمان فوزيه صديقي گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ۽ عزيزآباد سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو، جتي علائقي واسين کين تباهه حال روڊن ۽ عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي فوزيه صديقي چيو ته حاليه برساتن انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي برساتن کان پوءِ ڪراچي جا روڊ کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ شديد مشڪلات پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته اربين رپين جي بجيٽ هوندي به ڪراچي جا روڊو بهتر نه بڻايا ويون، لياقت آباد، گلبرگ ٽائون ۽ عزيزآباد سميت ڪيترائي علائقا سخت تباهي جو شڪار آهن، جڏهن تہ ٽائون انتظاميا به ڪٿي نظر نٿي اچي.
هن چيو ته پي ايس 125 سندس صوبائي حلقو آهي، جتي عوام هن کي ووٽ ڏنو، پر فارم 47 ۾ ڌانڌلي ذريعي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو ۽ اهڙي پارٽي کي ڪامياب ڪرايو ويو جنهن کي عوام رد ڪري ڇڏيو هو. فوزيه صديقي دعويٰ ڪئي ته نائن زيرو عزيزآباد ايم ڪيو ايم جو مرڪز هو پر هتي جا نمائندا عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران صرف اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن، جڏهن تہ عزيزآباد جا سڀ بلاڪ هن وقت کنڊر بڻيل آهن.
فوزيه صديقي چيو ته ڪراچي سنڌ حڪومت کي ٽيڪس جي مد ۾ 97 سيڪڙو ريوينو ڏئي ٿو پر بدقسمتيءَ سان پيپلزپارٽي ڪراچي کي سون جي جهرڪي سمجهي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. ڪراچي جي تباهي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم زميوار آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪراچي روشنيئن جو شهر آهي پر ڪرپٽ حڪمرانن ان کي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. عوام کي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام هميشه لساني سياست ۽ قوميت جي بنياد تي ووٽ وٺندڙن کي رد ڪيو آهي، ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ئي اها جماعت آهي جنهن وٽ ڪراچي جو اصل مينڊيٽ آهي.
هن عزم ظاهر ڪيو ته پي ٽي آءِ عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشا الله انصاف جي حڪمراني قائم ٿيندي، ڪراچي جون روشنين ٻيهر بحال ڪيون وينديون ۽ شهرين کي سندن بنيادي حق ڏنا ويندا.
جاري ڪيل ميڊيا سيل پي ٽي آءِ ڪراچي.
https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi


