ضلعي ٺٽي ۾ گذريل چئن ڏينھن کان جاري تيز طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي، سوين ڪچا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ضلعي ٺٽي ۾ گذريل چئن ڏينھن کان جاري تيز طوفاني برساتن تباھي مچائي ڇڏي، سوين ڪچا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، جيڪي ھن برسات ۾ بہ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب 35 ميل جي ڳوٺ حاجي محمد عثمان جاکرو ۾ پورھيت عبدالحڪيم جاکرو جو گھر ڪري پٽ پئجي ويو آھي، جڏھن تہ ٺٽي شھر جي بخاري محلي جي رھواسي پورھيت خدابخش ٺاراڻي جو گھر ڊھي پٽ پئجي ويو، ٻئي طرف ڪوھستاني ڳوٺن ڳوٺ اسماعيل جاکرو، ڳوٺ وڪيو جاکرو، ڳوٺ سائينون جاکرو، ڳوٺ يارو جاکرو، ڳوٺ ملوڪ جاکرو، ڳوٺ دادو مٽڪاڻي جاکرو، ڳوٺ ڦوٽو، ڳوٺ حاجي ولو جاکرو، ڳوٺ حاجي لکاڏنو جاکرو، درگاھ ستيون لڳ ڳوٺ خالو ميربحر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪڇا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جيڪي ھن وقت ھن طوفاني برسات ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ٻڻيل آھن، جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، ٻئي طرف برساتن بيٺل فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي، جنھن ڪري آبادگار ۽ زميندار کي مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن، جڏھن تہ برساتون پوڻ جو سلسلو جاري آھي، برساتن بعد ضلعي جي ننڍن وڏن شھرن جي ڪچين آبادين ۾ پاڻي بيھجي ويو آھي، جنھن ڪري شھري سخت پريشان آھن، برساتن بعد گندگي ۾ اضافي سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي، جڏھن تہ بجلي ۽ مواصلاتي نظام پڻ درھم برھم بڻيل آھي. ڪوھستاني پٽي ۾ سمورا کيٽ، نالا، نديون ۽ ڍورا وھي پيا آھن. جڏھن تہ سنڌو درياء ۾ پاڻي اچڻ بعد ڪچي ۾ رھندڙ مالوند ماڻھن پنھنجو چاپايو مال ڪوھستاني پٽي ڏانھن ڪاھي وڃڻ وارو سلسلو پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف اطلاع آھن تہ سنڌو درياء پلٽڻ ڪري ڳوٺ
ايوب شورو، بشو درس ۽ قاسم ملاح جا ڳوٺاڻا ڪچي ۾ ڦاٿل آھن، جن جي ريسڪيو بہ ٿي ناھي سگھي، تيز طوفاني جاري ٿيل برساتن سبب ڪچي جي رھواسين پاران کين لڏپلاڻ ۾ به ڪافص مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، اڪٽر ڳوٺاڻن جا رستا پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري کين سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي،

اپنا تبصرہ بھیجیں