ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٽي بي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي صحت کاتي ٺٽي طرفان سول اسپتال مڪلي ۾ سول سرجن آفيس کان سول اسپتال مڪلي جي مين گيٽ تائين ھڪ جاڳرتا ريلي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٽي بي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي صحت کاتي ٺٽي طرفان سول اسپتال مڪلي ۾ سول سرجن آفيس کان سول اسپتال مڪلي جي مين گيٽ تائين ھڪ جاڳرتا ريلي ڊي ايڇ او ٺٽو ڊاڪٽر صفدر شاه، ٽي بي جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر ٺٽو ڊاڪٽر غلام علي ديو، سول سرجن سول اسپتال مڪلي ڊاڪٽر سيد يامين شاه، ڊاڪٽر گيانچند، بابو ھدايت الله فاضلاڻي، مرف جي ڊاڪٽر دائود ھلايو، ڊاڪٽر صنم سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڪئي ويئي، جنھن ۾ ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسز ۽ ميڊوائف وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي منعقد ڪيل جاڳرتا ريلي توڙي سيمينار کي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ


ٽي بي هڪ خطرناڪ ۽ وچڙندڙ بيماري آهي۔ جنهن جو اڳ ۾ ڪو علاج ممڪن نه ھو پر هاڻي ٽي بي جو علاج ممڪن ۽ مفت آهي، ھنن چيو تہ هن مرض جو علاج نہ ڪرائڻ سبب هر سال سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهو پنهنجيون زندگيون وڃائي ويهن ٿا ٽي بي مرض جي حوالي سان پاڪستان پنجين نمبر تي آهي. ھنن چيو تہ ٽي بي جي مريضن کي حقير جي نظر سان ڏسڻ غلط آهي. ھنن چيو تہ جاڳرتا ريلي ڪڍڻ ۽ سيمينار ڪرائڻ جو مقصد عوام ۾ هن بيماري بابت آگاهي ڏيڻ آهي، ھنن چيو تہ ٽي بي بيماري جي علامتن مان ڪابہ علامت ظاھر ٿيڻ شرط علاج ڪرائڻ سان زندگي بچي سگھي ٿي، ھنن چيو تہ حڪومت سنڌ پاران ٽي بي جي علاج لا۽ سڄي سنڌ جي ھيلٿ سينٽرن ۾ مفت علاج ڪيو پيو وڃي، پر ماڻھن ۾ جاڳرتا گھٽ ھجڻ ڪري زندگي وڃائي ٿا ويھن، ان ڪري اھڙي ماڻھون جنھن کي ٽي بي بيماري جون علامتون ظاھر ٿيڻ تہ ان وقت ئي علاج ڪرائڻ گھرجي، جيئن ان جي زندگي بچي سگھي، ھنن چيو تہ ٽي بي جي مريضن جي چڪاس ڪرڻ سان گڏ ٽيسٽون ۽ بهتر علاج جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن۔ سنڌ مان هن مرض جي خاتمي لا۽ اسان جون ڪوششون جاري آهن، عوام کي به هن پروگرام ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

اپنا تبصرہ بھیجیں