
ٺٽو (رپورٽ علي گوهر قمبراڻي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات جو سسٽم بنگلاديش ۽ ڀارت کان ٿيندو سنڌ پهچي ويو آهي، گذريل ٻن ڏينهن کان ٿرپارڪر ضلعي ۾ زيادہ برسات ٿي رھي آھي، ڪراچي سميت ٺٽي، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن کي وڌيڪ خطرو آهي، اسان جا ٻيا ضلع قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشورو جيڪي کيرٿر رينج ۾ اچن ٿا اهي به خطري ۾ آهن. هن چيو ته مون هر ضلعي ۾ پنهنجي ڪابينا جا ميمبر مقرر ڪيا آهن، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي شهر سميت مختلف علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٺٽي، سجاول، بدين ۾ تمام گهڻي برسات ٿي آهي جتي ڪجهه شڪايتون آهن، مسلسل تيز برساتون جاري ھُجن تہ پاڻي جي نيڪال ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، پر سنڌ حڪومت جا نمائندا، ڪابينہ جا ميمبر ۽ انتظاميہ ھر ھنڌ موجود آھي، اسان جي ڪوشش آھي تہ اسان جي ماڻھن کي تڪليف نه پهچي. 2022ع واري ٻوڏ جي متاثرن لاءِ گهر تعمير ڪرڻ بابت سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهيون، اُتي اٽڪل ھڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو رهندا، دنيا جا 150 ملڪ ھن مُلڪ جي آبادي کان ننڍا آهن، ٻوڌ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ جو منصوبو دُنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي، ان منصوبي کي هڪ سال ٿيو آھي ۽ اٽڪل 2 لک گهر ٺاھي چڪا آھيون جڏھن تہ 6 لک گهر تعمير ھيٺ آھن، ھن ڪم جي تعريف پوري دُنيا ۾ ٿي آھي، انشاء اللہ تعاليٰ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو منصوبو جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جو ارادو آهي ته صوبي ۾ جتي به ڪچا گهر آهن انھن کي پڪو ڪرڻو آھي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ٺٽي-ڪراچي قومي شاهراهه تي گهارو ويجهو روڊ تي تعمير ٿيندڙ ڪلورٽس جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هُن ايف ڊبليو او جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪلورٽس جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪلورٽس جي تعمير سبب ٽريفڪ جي آمدرفت ۾ مشڪلاتون آهن، جلد ڪلورٽس جو تعميراتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو تہ جئين ٽريفڪ جي آمدرفت ۾ آساني ٿي سگهجي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي شهر جو دورو ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو ۽ مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته تيز برساتن جي صورت ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير دولهه دريا خان سجاول پل تي سنڌو درياهه جو جائزو ورتو ۽ درياهه تي پاڻي جي وهڪري جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير کي تيز برسات دوران پاڻي جي گز تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، حاجي علي حسن زرداري، ايم پي اي مڪيش ڪمار چاولا، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به وڏي وزير سان گڏ هئا.
========================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) حق ڏيو عوام کي، حق ڏيو پاڪستان کي، بدلايو ھن نظام کي، جماعت اسلامي پاڪستان پاران ملڪ ۾ وڌنڌڙ مھنگائي، بيروزگاري، بجلي تي لڳايل ظالماڻہ ٽيڪسن توڙي ناجائز بجلي جي بلن، بجلي جي پيداوار لاء آئي پي پيز سان ڪيل مھانگن معاھدن، بجلي جي بلن ۾ لڳي ايندڙ ڪيپيسٽي چارجز سميت بلن ۾ لڳندڙ مختلف ٽيڪسن ۽ فارم 47 جي ھٿ ٺوڪي حڪومت جي ھٿ ٺوڪين فيصلن خلاف ڏنل شٽر بند ھڙتال جي سڏ تي پوري ملڪ ۽ سنڌ جيان ضلعي ٺٽي جي بہ ننڍن، وڏن شھرن، ٺٽو، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، ساڪرو، جھرڪ، سونڊا سميت ٻين شھر ۾ واپارين سمورو ڪاروبار، دڪان، پئٽرول پئمپ بند ڪري ھڙتال کي ڪامياب ڪيو، جڏھن تہ جماعت اسلامي جا ڪارڪن شھرن جو گشت ڪندا رھيا. ان موقعي تي جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن الطاف احمد ملاح، عبدالله آدم گندرو ۽ بين چيو تہ حڪمرانن جي غلط پالسين سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ ڪري مھنگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آھي، ھنن چيو تہ جماعت اسلامي پاران حق ڏيو عوام کي، حق ڏيو پاڪستان کي، بدلايو ھن نظام کي واري لڳايل نعري تحت جماعت اسلامي عوام کي پنھنجا حق ڏيارڻ لاء جدوجھد جي ميدان تي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري بجلي ۽ بلن جي ٽيڪس ختم ڪري گھريلو يونٽ 10 روپيہ ۽ ڪمرشل يونٽ 15 روپيہ ڪري حڪمرانن جون مراعتون ختم ڪري پگھاردارن نہ پر جاگيردارن تي ٽيڪس لڳائي حڪمرانن جي دبئي ليڪس ۽ ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ کسيل دولت ۽ ٻھرين ملڪن ۾ ورتل پراپرٽين جو حساب وٺي سليب سسٽم جي نالي تي عوام کي بچوڙيو پيو وڃي، جنھن کي ختم ڪرڻ سان گڏ بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيدنگ کي ختم ڪري عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ عوام کي پنھنجا حق ڏيارڻ تائين جماعت اسلامي پاڪستان پاران پرامن جدوجھد جاري رھندي.


