پاڪستان جي تجربيڪار کيوبال رانديگر محمد آصف سري لنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو ۾ جاري ايشيائي 6 ريڊ اسنوڪر چيمپئن شپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ڪانسي جو تمغو ماڻي ورتو
اربع ڏينهن کيڏايل سيمي فائنل ۾ محمد آصف کي ملائيشيا جي ٿور چون ليونگ هٿان 2-5 تان شڪست ملي، پر سڄي ٽورنامينٽ دوران سٺي ڪارڪردگي سبب ٽئين نمبر تي اچي ويا
ايندڙ مرحلو ٽيم چيمپئن شپ جو آهي، جيڪو خميس ڏينهن کان شروع ٿيندو. هن ايونٽ ۾ 13 ملڪن جون 16 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، جن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ٽيم 3 ميچون کيڏندي ۽ هر گروپ مان ٻه بهترين ٽيمون ڪوآرٽر فائنل لاءِ کوالي فاءِ ڪنديون.
پاڪستان طرفان ٻه ٽيمون ميدان تي لهنديون
پاڪستان ون: محمد آصف ۽ اويس منير
پاڪستان ٽو: محمد سجاد ۽ شاهد آفتاب
پاڪستاني رانديگر هاڻ ٽيم ايونٽ ۾ پڻ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن وڌيڪ تمغا حاصل ڪري سگهن


