حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ سندس ساٿين جي دين اسلام لاء ڏنل لازوال قربانين جي چاليھي جي موقعي تي پوري ملڪ ۽ سنڌ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بہ چاليھي جي موقعي تي ننڍين وڏين امام بارگاھن کان ماتمي جلوس برپا ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي،


ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ سندس ساٿين جي دين اسلام لاء ڏنل لازوال قربانين جي چاليھي جي موقعي تي پوري ملڪ ۽ سنڌ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بہ چاليھي جي موقعي تي ننڍين وڏين امام بارگاھن کان ماتمي جلوس برپا ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي، ٺٽي ۾ مرڪزي جلوس سخت سيڪيورٽي انتظامن ھيٺ مشھدي امام بارگاھ ٺٽو کان برآمد ٿيو، جنھن ۾ علم پاڪ، تازيہ ۽ زوالجناح شامل ھئا، مرڪزي جلوس پنھنجي روايتي رستن تان ٿيندو ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي پھتو، جنھن ۾ ٺٽو، مڪلي سميت مختلف امام بارگاھن علو شاھ مست امام بارگاھ، بخاري امام بارگاھ، شاھ نجف امام بارگاھ ۽ ٻين امام بارگاھن کان نڪتل جلوس بہ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا، جڏھن تہ گھارو کان نڪتل مختلف امام بارگاھن جا عزادار پيادل قافلن جي صورت ۾ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا، جتي مومنن چرين سان ماتم ڪرڻ سميت سينازني ڪئي، جنھن بعد مرڪزي جلوس پنھنجي روايتي رستن تان ٿيندو شيرازي امام بارگاھ تي اختتام پذير ٿيو، جلوسن جي رستن تي سبيل ۽ ننگر نياز جو پڻ اھتمام ڪيو ويو ھو، جلوس ۾ نوح خواني سميت علماء اڪرامن شھيد ڪربلا حضرت امام حسين عليہ اسلام ۽ سندس ساٿين جي ڏنل لازوال قربانين تي روشني وڌي، جڏھن تہ سيد جاويد شاھ ۽ ٻين پاران گوليمار واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سيڪيورٽي سميت ٻيا بھتر انتظام ڪرڻ تي ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو ۽ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جو پڻ ٿورو مڃيو، جڏھن تہ رات جو مجلس عزا جو مجلسون منعقد ڪيون وينديون، امامن جي چاليھي جي موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو پاران سخت سيڪيورٽي جا انتھائي سخت انتظام ڪري مين اسٽاپ واري روڊ توڙي شاھي بازار کي ڪناتون وغيرہ ھڻي مڪمل بند ڪري واڪ ٿرو گيٽ لڳائڻ سميت سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي جلوسن جي نگراني ڪئي ويئي، جنھن ۾ رينجرز جا جوان بہ شامل ھئا، جيئن ڪوبہ اڻوندڙ واقعو پيش اچي نہ سگھي.

=======================

اپنا تبصرہ بھیجیں