ڪشمور ۾ بدامني خلاف شهري اسلام آباد ۾ سراپا احتجاج، پي ٽي آءِ سنڌ جي مڪمل حمايت جو اعلان

ڪشمور ۾ بدامني خلاف شهري اسلام آباد ۾ سراپا احتجاج، پي ٽي آءِ سنڌ جي مڪمل حمايت جو اعلان

ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي چنبي ۾ درجنين ماڻهو، معصوم ٻار به شامل: حليم عادل شيخ

ڪشمور ۾ چار لک شهرين کي ڀتي جون پرچيون ڏنيو ويون، اغوا ۽ قتل معمول بڻجي ويو: صدر پي ٽي آءِ سنڌ

پوليس ڏاڙيلن جي ساٿاري بڻيل آهي ، احتجاج ڪندڙن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن: حليم عادل شيخ

ڪراچي (پريس رليز، تاريخ 24 جون) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ اسلام آباد ۾ جاري ڪشمور جي شهرين جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ، خاص طور تي ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مڪمل طور تي بدامني جو شڪار ٿي چڪو آهي، جتي عوام کي ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته ڪشمور جا شهري ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، ۽ پي ٽي آءِ سنڌ انهن مظلوم شهرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جي پارٽي هميشه مظلومن سان گڏ رهي آهي، ۽ عوام جي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين.

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ٻڌايو ته هن وقت ڪچي جي علائقن ۾ 25 کان 30 ماڻهو ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن، جن ۾ 8 معصوم ٻار به شامل آهن، جن جي عمر رڳو هڪ کان ٻه مهينا آهي. گذريل اڍائي سالن دوران اغوا ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ 170 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جڏھن ته 40 معصوم ٻارڙا اغوا ڪيا ويا.ٽن سالن دوران 2500 کان وڌيڪ شهرين کي اغوا ڪيو ويو.

حليم عادل شيخ انڪشاف ڪيو ته ڪشمور جهڙي ڏه لک آبادي واري شهر ۾، چئن لک شهرين کي ڀتي جون پرچيون ڏنيون ويون، ۽ ريڙهي وارن کان به ڀتو وصول ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڀتو نه ڏئي ته کيس اغوا يا قتل ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻ اغوا براءِ تاوان جي بدران سڌو سنئون ڀتو ورتو پيو وڃي، ۽ جيڪو انڪار ڪري ٿو، کيس اغوا يا قتل ڪيو وڃي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته تنگواني، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ڪچي جي ٻين علائقن ۾ ڌاڙيل کلي عام گهمي رهيا آهن، جتي عام رستن تي ڪروڙين روپين جا ڌاڙال لڳي رهيا آهن ۽ ڏينهن ڏٺي جو گاڏيون جون ڦرون ڪيون پيون وڃن

.اقليتي برادري سان واسطو رکندڙ واپارين کان به ڀتو ورتو پيو وڃي، جنهن سبب ڪيترائي خاندان سنڌ مان لڏي ڀارت ۽ ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا آهن.

حليم عادل شيخ سنڌ پوليس تي سخت الزام لڳائيندي چيو ته پوليس مڪمل طور تي تماشائي بڻيل آهي، بلڪه ڏوهارين سان گڏ مليل آهي. جڏهن متاثر عوام احتجاج ڪري ٿي ته کين ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، ايتري تائين جو اسلام آباد ۾ جاري پرامن احتجاج تي به رهواسين کي ڌمڪايو پيو وڃي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ انهن مظلوم شهرين جي آواز بڻجندي، هر قدم تي سندن ساٿ ڏيندي، ۽ حڪومت جي بيحسي کي هر فورم تي وائکو ڪندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں