پ پ پ ايم پي اي سردار ڄام اويس گھرام جوکيو ۽ ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو آھي تہ اسان عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھيون،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) پ پ پ ايم پي اي سردار ڄام اويس گھرام جوکيو ۽ ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو آھي تہ اسان عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھيون، جلد بيروزگار پڙھيل نوجوانن کي روزگار مھيا ڪري اڳ کان بہ وڌيڪ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائينداسين، جيڪو ھڪ مثال بڻبو. ھنن اھي ڳالھيون ڄام ھائوس گھارو تي آيل ماڻھن سان عيد ملڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيون، پ پ پ ايم پي اي سردار ڄام اويس گھرام جوکيو ۽ ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو وڌيڪ چيو تہ ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب مھنگائي ۾ واڌارو ٿيو اھي، جنھن سبب غريب طبقو سخت پريشان آھي، پر اسانجي ڪوشش آھي تہ روزگار جا وسيلا پيدا ڪري بيروزگاري ۾ گھٽتائي اندي وڃي، جيئڻ ھتان جو

پورھيت بھتر زندگي گذاري سگھي. ھنن چيو جلد تڪ جي ماڻھن کي گھربل سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وينديون، جيئن ھو بھتر زندگي گذاري سگھن. ھنن چيو تہ پ پ پ عوامي پارٽي آھي، جيڪا پڻ عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل اھي. انشا الله تعالي ھن واري ٿيندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ پوري ملڪ مان ڪاميابي ماڻي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندي. ان موقعي تي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، علي حسن پارھيڙي، پير سڪندر شاھ، ڀورو سرڪي، نور حسن سرڪي، علي حسن پارھيڙي، وڏيرو ڪمال جوکيو، حاجي مقصود جوکيو، سلطان ملاح، اشرف ملاح، ڪامريڊ گل حسن ملاح، عبدالرحيم جوکيو، حاجي مير حسن جوکيو، وڏيرو الھبخش عرف بابو بروھي، شڪيل احمد بروھي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

===================

اپنا تبصرہ بھیجیں