لاڙڪاڻي شهر کي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان صاف پاڻيءَ مهيا ڪندڙ موبائيل آر او پلانٽ جون گاڏيون گذريل ٻن سالن کان ڪوثر مل محلي، حيدري محلي سميت ٻين علائقن ۾ بيٺل موبائيل گاڏيون صاف پاڻيءَ ته نه ڏيئي سگهيون،


لاڙڪاڻو ٻن سالن کان ناڪاره صاف پاڻيءَ جي موبائيل آر او پلانٽ جو ڏيک
=================

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر کي ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان صاف پاڻيءَ مهيا ڪندڙ موبائيل آر او پلانٽ جون گاڏيون گذريل ٻن سالن کان ڪوثر مل محلي، حيدري محلي سميت ٻين علائقن ۾ بيٺل موبائيل گاڏيون صاف پاڻيءَ ته نه ڏيئي سگهيون، ويتر ورلڊ بئنڪ جي سهڪار واريون موبائيل آر او پلانٽ جون گاڏيون هيروئنن ۽ گند پيٽي جو مرڪز بڻجي ويون، تفصيل موجب لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل محلي لڳ پراڻي ڊسپوزل مشين وٽ گذريل ٻن سالن کان صاف پاڻي مهيا ڪندڙ موبائيل آر او پلانٽ گاڏي ناڪاره بڻيل مسلسل اس گرميءَ ۽ برساتن ۾ بيهجي ويل گاڏي هڪ آثار قديمه جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي پر حڪومت سنڌ کي مليل ورلڊ بئنڪ جي سهڪاري پراجيڪٽ کي نه هلائي ۽ صرف ٻن سالن کان حيرت ڏيندڙ عجوبو بڻائي موبائيل گاڏي بيهاري وئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل محلي ۾ صاف پاڻي ڏيڻ جي بهاني 2 سالن کان موبائيل آر او پلانٽ گاڏي بيهاري وئي آهي. جيڪا هڪ ڏينهن به علائقي واسين کي صاف پاڻي نه ڏيئي آهي پر انتظاميه وارا بار بار مهيني ٻئي گاڏي کي کولي گاڏي


لاڙڪاڻو آر او پلانٽ جي ناڪاره گاڏي هيٺان هيروئنن جو آرام گاهه بڻجي وئي
====================================================

جون تصويرون ڪڍي مٿي حڪومت سنڌ جي اعلي عملدارن کي ڏيکارين ٿا ته اسان لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل محلي، حيدري محلي، حسيني محلي سميت ٻين علائقن کي صاف پاڻي ڏيئي رهيا آهيون جڏهن ته پوري آباديءَ کي هڪ ڏينهن به صاف پاڻي نه ڏنو ويو آهي ۽ اها موبائل آر او پلانٽ واري گاڏي مسلسل بيهڻ ڪري هاڻي ٽائر ٽيوب پنچر بڻجي ويا اٿس ۽ گاڏي جي هيٺان هيروئني موالي بيٺڪ ڪري آرام ڪن ٿا ۽ اتي کلي


لاڙڪاڻو ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان آر او پلانٽ جي ناڪاره گاڏي جا ٽائر پنچر بڻيل
==============================================================

عام منشيات جو ڪاروبار ڪري واپرائن ٿا، جنهن ڪري علائقي ۾ نوجوان نسل تي برو اثر پئجي رهيو آهي. لاڙڪاڻي جي شھرين مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو شهر کي صاف پاڻي ڏنو وڃي يا وري نام نهاد جڙتو موبائيل آر او پلانٽ جون گاڏيون شهر جي ڪوثر مل محلي، چانڊڪا علائقي ۽ ٻين جاين تان گاڏيون هٽايون وڃن. ڇاڪاڻ ته انهن سالن کان بيٺل ناڪاره گاڏين جي بيهڻ سبب علائقي واسين کي اچڻ وڃڻ سميت ٻين معاملن جي ڪري دشواري سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهرين مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو شهر جي ڪوثر مل محلي جي پراڻي ڊسپوزل مشين واري جاءِ تي فوري طور تي ٻارڙن کي ٽڪا لڳائڻ لاءِ ڊسپينسري يا علائقي جي ماڻهن کي امن ڏيارڻ لاءِ پوليس چوڪي مقرر ڪئي وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں