
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)ساحيلي پٽي جا 4 وڏا ٻيلا، مليرڙي، خاناڻي، خاصو، ٻَن ٻيلو هن وقت سخت خطري ۾ آهن، جيڪي نه صرف ماحولياتي توازن پر مقامي ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ به انتهائي اهميت رکن ٿا. مليرڙي ٻيلي جي تاريخي ۽ ماحولياتي اهميت مطابق ھي ٻيلو ٺٽي ضلعي جي سڀ کان اهم قدرتي وسيلن مان هڪ آهي، جيڪو مختلف قسمن جي وڻن، جهنگلي جيوت، ۽ نباتات لاءِ هڪ محفوظ جڳهه آهي. اهو نه صرف علائقي ۾ آڪسيجن جي فراهمي ۾ مدد ڪري ٿو پر گرميءَ کي گهٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. بدقسمتي سان مسلسل ڪاٺ جي ڪٽائي، زمين جي غير قانوني وڪري، ۽ رهائشي منصوبن جي نالي تي قبضن سبب هي ٻيلو تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي. ٻيو خاناڻي ٻيلو، جيڪو جهنگلي جيوت لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي، اهو پڻ قبضا گيرن جي حدف تي آهي. هن ٻيلي جي زمين کي زرعي آباديءَ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻيلن جو ڪاٺ وڪرو ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور تي ڪاٺ جي ڪٽائي ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هن ٻيلي جي وجود کي سنگين خطرو آهي. قبضا گيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي مبينه ملي ڀڳت سبب ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ ۾ مقامي بااثر ماڻھو سهولت فراهم ڪري رهيا آهن. مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته ٻيلن جي تباهي سبب ٺٽي ضلعي ۾ ماحولياتي توازن سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
ٻيلن جي گهٽتائي سان، گرمي ۾ واڌ ۽ علائقي ۾ گرمي پڌ وڌي رهيو آهي. ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان برساتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. مٽي جي زرخيزيت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سان زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. مقامي روزگار متاثر ٿي رهيو آهي، ڪيترائي ماڻهو جيڪي ٻيلي جي وسيلن تي دارومدار رکن ٿا اھي بي روزگار ٿي رهيا آهن. ماحولياتي ماهرن مقامي ماڻهن ۽ ٻيلا بچايو ڪميٽي ضلعو ٺٽو هن سنگين صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي احتجاج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ترت قدم نه کنيا ويا ته ٺٽي جا قيمتي ٻيلا مستقل طور تي ختم ٿي سگهن ٿا، جنهن سان مستقبل ۾ تمام وڏا نقصان ٿيندا. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وزيراعظم پاڪستان وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته غير قانوني قبضا ختم ڪرائي ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي وڻڪاري ڪئي وڃي ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ قبضا گيرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ٻيلن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي تباهه ٿيل ٻيلن کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ خصوصي منصوبابندي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ مليرڙي، خاناڻي، خاصو ۽ ٻن ٻيلا جيڪي ٺٽي ضلعي جي قدرتي حسن ۽ ماحولياتي بقا لاءِ نهايت اهم آهن. جيڪڏهن انهن جي تحفظ لاءِ ترت ۽ سخت قدم نه کنيا ويا ته نه صرف علائقو ماحولياتي تباهي جو شڪار ٿيندو پر هزارين ماڻهن جي زندگي به متاثر ٿيندي. حڪومت کي هن مسئلي کي ترجيح ڏيندي حل ڪرڻ لاءِ فوري ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.


