ڪوھستاني پٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿيڻ لڳا، ڏڪاري حالتن ڪر کنيو، چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيمارين سان گڏ ڪافي وقت کان بند پيل اسڪول کلي نہ سگھيا،


ٺٽو(ڊر) ڪوھستاني پٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿيڻ لڳا، ڏڪاري حالتن ڪر کنيو، چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيمارين سان گڏ ڪافي وقت کان بند پيل اسڪول کلي نہ سگھيا، جنھن ڪري ٻارڙا بہ تعليم کان محروم ٿيڻ لڳا، ڪوھستاني زمينن تان نہ غير قانوني قبضا خالي ٿي سگھيا ۽ نہ ئي سندن ڳوٺ پڪا ٿي سگھيا، بااثر لينڊ مافيا پاران مقامي ماڻھن کي پريشان ڪري بيدخل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پر انتظاميہ توڙي چونڊيل نمائندن بہ ڪو تحرڪ نہ ورتو ۽ نہ ئي ڪوھستان واسين کي ڪي بنيادي سھولتون ميسر ٿي سگھيون آھن، جنھن ڪري ڪوھستان واسي بہ سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، جن پاران سندن جائز مسئلن جي حل لاء 10 محرم الحرام کانپوء جدوجھد جي شروعات ڪري جھمپير ۽ ٺٽو ۾ جائز مسئلن جي حل لاء احتجاج جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير ۽ يوسي ڄنگھڙي جي ڪيترن ئي متاثر ڪوھستان واسين محمد انور ڪوھستاني، محمد عمر برفت، قادر جاکرو، اسماعيل جاکرو، عبدالجبار پالاري، گھنور جاکرو، عمر پالاري، شريف جاکرو ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي تہ ڪوھستان واسين کي ھر دور ۾ نظر انداز ڪري کين اھم بنيادي سھوليتن کان محروم رکيو ويو آھي، ھنن چيو تہ ھن وقت ڪوھستان ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي، سولر تي ھلندڙ پاڻي جا بور آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھجڻ ڪري انھن بہ پاڻي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو اھي، جڏھن تہ جر جو پاڻي اڳ ئي کارو ٿيڻ ڪري پيئڻ جي لائق بہ ناھي رھيو، جنھن ڪري انسان توڙي جانور پيئڻ جي پاڻي لاء واجھائي رھيا آھن، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي جي زمينن تي ٿيل غير قانوني قبضا اڃان تائين ختم ٿي ناھن سگھيا، قبضن تي ويٺل ھٿياربند ماڻھن مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، ھنن چيو تہ چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيمارين سبب سندن چوپايو مال مرڻ لڳو آھي، پر سندن بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ لاء جانورن

جي پالنا کاتي جا ڊاڪٽر تيار ناھن، ان کانسواء ڪوھستان واسين کي صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس جي سھوليت بہ ميسر ناھي ۽ نہ ئي ڪوھستاني ڳوٺ پڪا ٿي سگھيا آھن، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ جيڪي پاڻي جا بور توڙي واٽر سپلاء ٺھيل آھن، اھي سالن کان ناڪارہ بڻيل آھن، جن مان کين ڪوبہ لاڀ حاصل ٿي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي سالن کان بند ٿيل اسڪول کلي سگھيا آھن، جنھن ڪري سندن ٻار تعليم کان محروم بڻجي ويا آھن، زبون حال بڻيل اسڪول بلڊنگس جي نہ مرمت ٿي سگھي آھي ۽ نہ ئي ان ۾ ڪو فرنيچر ملي سگھيو آھي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ سندن علائقي ۾ ھڪ بااثر لينڊ گريبر پاران 1200 سئو ايڪڙ زمين روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان جعلي ڪاغذن جي آڌار تي حاصل ڪئي آھي، جنھن ۾ 25 کان مٿي ڪوھستاني ڳوٺ، قديمي قبرستان، اسڪول، مسجدون، واٽر سپلاء، سولر پاڻي جا بور، پاڻي جو ننڍو ڊئم اچي وڃي ٿو، جنھن تي پڻ قبضن جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر ڪوھستان واسين جون دانھون ڪير بہ بڌڻ وارو ناھي ۽ نہ ئي ھن مھنگائي جي دور ۾ مقامي ماڻھن کي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين ۾ ڪو روزگار ٿو ملي، ھنن چيو تہ انھن سمورن جائز مسئلن جي حل لاء متاثر ڪوھستان واسين سان گڏ 10 محرم الحرام کانپوء 15 محرم الحرام تي جھمپير ۽ ٺٽي ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھڻي مسئلن جي حل لاء تائين جدوجھد کي جاري رکيو ويندو. ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ ڪوھستان واسين جا سمورا جائز مسئلا حل ڪري کين پريشاني کان بچائي کين جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں