سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران پوري ڪراچي ۾ عوامي آگاهي لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن تي بينرز لڳايا ويا آهن. اسپيڪر تي اعلانن ذريعي اهڙين خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به خبردار ڪيو پيو وڃي.

ڪراچي 29 جون 2024: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران پوري ڪراچي ۾ عوامي آگاهي لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن تي بينرز لڳايا ويا آهن. اسپيڪر تي اعلانن ذريعي اهڙين خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به خبردار ڪيو پيو وڃي. امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي جي هدايتن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن کي نظر ۾ رکندي خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته قيمتي انساني جانين ۽ مال جي تحفظ لاءِ انهن عمارتن کي فوري طور تي

خالي ڪيو وڃي ۽ اهڙين عمارتن جي ويجهو ويهڻ کان پاسو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اوچتو برساتن ۾ پاڻي جي وهڪري ۽ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. ضلعي ڏکڻ، سينٽرل، اوڀر ضلعن سميت ڪراچي ۾ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن تي عوامي آگاهي لاءِ بينر پڻ لڳايا ويا آهن. ڊائريڪٽر ڊيماليشن ايس بي سي اي عبدالسجاد خان جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ آگاهي مهم ۽ فليگ مارچ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آهي، ايس بي سي اي ان سلسلي ۾ عوام کي به انساني همدردي جي بنياد تي درخواست ڪئي آهي ته شهر جي اندرين گنجان آبادي وارن علائقن ۾ ڪنهن به قسم جي ناقص، تعميري خرابين ۽ غير معياري اڏاوتن خلاف ايس بي سي اي جي آفيس ۾ تحريري يا ويب سائيٽ www.sbca.gos.pk تي درخواست جمع ڪرائين ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ 7/24 رين ايمرجنسي سينٽر نمبر 99232355 تي اطلاع ڏنو وڃي.

هينڊ آئوٽ نمبر… 443 ايس ڊي

اپنا تبصرہ بھیجیں