ڪراچي ۾ 570 عمارتن سميت صوبي جي 722 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ ڪجهه تاريخي عمارتون به شامل آهن، برسات سبب حادثا وڌڻ جو خدشو آهي، ايس بي سي اي شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته اهي قيمتي انساني جانين جي تحفظ لاءِ عمارتون خالي ڪن.

پريس رليز
ڪراچي ۾ 570 عمارتن سميت صوبي جي 722 عمارتن کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ ڪجهه تاريخي عمارتون به شامل آهن، برسات سبب حادثا وڌڻ جو خدشو آهي، ايس بي سي اي شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته اهي قيمتي انساني جانين جي تحفظ لاءِ عمارتون خالي ڪن.
ڪراچي (11 جون 2024) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪل 722 عمارتن کي خطرناڪ ۽ رهائش ۽ استعمال لاءِ نا مناسب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رهاڪن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اهي قيمتي انساني جانين جي تحفظ لاءِ فوري طور تي عمارتون خالي ڪن. تفصيل موجب چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي جي هدايتن تي خطرناڪ عمارتن لاءِ ماهر تعميراتي انجنيئرن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ڪميٽي غير محفوظ عمارتن جي سروي جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سروي رپورٽن موجب اڄ تائين ڪراچي ۾ 570، حيدرآباد ريجن ۾ 81، سکر ريجن ۾ 60، ميرپورخاص ريجن ۾ 07 ۽ لاڙڪاڻي ريجن ۾ 04 عمارتن سميت ڪل 722 عمارتن کي خطرناڪ ۽ غير استعمال جوڳو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪجهه خطرناڪ عمارتون قومي تاريخي ورثي ۾ شامل آهن. ان حوالي سان ايس بي سي اي هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي امڪان کي نظر ۾ رکندي خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙن ۽ استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي. قيمتي انساني جانين ۽ مال جي تحفظ لاءِ انهن عمارتن کي فوري طور خالي ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته برساتن ۾ پاڻي جي رسڻ سبب انهن عمارتن جي اوچتو ڊهي وڃڻ ۽ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جا واقعا ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندا آهن. ان حوالي سان، SBCA انساني همدردي جي بنياد تي عوام کي گذارش ڪئي آهي ته شهر جي اندر وارن علائقن ۾ ڪنهن به عمارت ۾ نقص، ساخت جي خرابين ۽ ناقص تعميرات جي باري ۾ ايس بي سي ايس جي آفيس انيڪسي بلڊنگ، سول سينٽر، گلشن اقبال، ڪراچي ۾ واقع کي لکت ۾ يا سرڪاري ويب سائيٽ www.sbca.gos.pk تي اطلاع ڪن.

ڏوگر

اپنا تبصرہ بھیجیں