ڪراچي: هئير ريسٽوريشن سوسائٽي آف پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري ريجيونل ورڪشاپ نومبر جي آخري هفتي دوران ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي.

اهو فيصلو اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن جاري رهندڙ پري-ڪانفرنس ورڪشاپ کان پوءِ ڪيو ويو. ياد رهي ته ڪراچي ۾ مجوزه پري-ڪانفرنس ورڪشاپ ايندڙ سال فيبروري ۾ انٽرنيشنل سوسائٽي آف هئير ريسٽوريشن سرجنز (ISHRS) جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس جو حصو آهي، ۽ اهڙيون ڪيترائي پري-ڪانفرنس ورڪشاپس مختلف ريجنن ۾ اڳ ئي ٿي چڪيون آهن.

ڪراچي جي ٻن ڏينهن واري پري-ڪانفرنس ريجيونل ورڪشاپ جي آرگنائزنگ ڪاميٽي جو چيئرمين، باني ميمبر ڊاڪٽر حنيف سعيد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار ٽونيو سائنٽفڪ ڪاميٽي جو چيئرمين هوندو. ورڪشاپ ۾ پيپر پريزينٽيشن، هينڊز آن ورڪنگ ۽ لائيو سيشنز لاءِ جوڙيل ڪاميٽي ۾ چيئرمين جا مددگار ڊاڪٽرن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شهاب بيگ، ڊاڪٽر طاهر شيخ، ڊاڪٽر منظور انڙ ۽ ڊاڪٽر اقبال شامل آهن. سائنٽفڪ ڪاميٽي جا سمورا ڪم ڪاميابي سان هلائي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ ورڪشاپ جي سرپرست ڊاڪٽر مسز عظمي عرفان، ڪاميٽين جي تشڪيل سميت سڀني معاملن جي نگراني ۾ ڊاڪٽر ٽونيو ۽ ڊاڪٽر حنيف سعيد سان رابطي ۾ آهن. تقريب ۾ وارن جي جھڙڻ جي علاج ۽ ان جي روڪٿام بابت جديد سائنسي تحقيق ۽ حل پيش ڪيا ويندا، ته جيئن عوام کي عملي طور تي وڌ کان وڌ سهولتون ۽ فائدو ملي سگهي.

اڳتي هلي ڊاڪٽر حنيف سعيد چيو ته اسلام آباد ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ بين الاقوامي هئير ريسٽوريشن ڪانفرنس پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز آهي. هن ٻڌايو ته ايشيا ۾ اها ڪانفرنس اڳ اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ٿي هئي. سندس چوڻ آهي ته اها ڪانفرنس دنيا ڀر جي ماهرن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪندي ۽ هئير ريسٽوريشن جي ميدان ۾ نيون راهون کوليندي. دنيا جا ماهر وارن جي جھڙڻ کي روڪڻ، وارن جي پوک (ٽرانسپلانٽيشن) ۽ وارن جي بحالي لاءِ ٿيندڙ جديد تجربي جو نچوڙ هن ڪانفرنس ۾ پيش ڪندا.

ڊاڪٽر سعيد چيو ته اها بيشڪ پاڪستان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته پهريون ڀيرو ISHRS جي ڪانفرنس پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي ۽ ان جو سهرو ڪانفرنس جي آرگنائزر ڊاڪٽر رانا عرفان جي نالي تي وڃي ٿو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر حنيف سعيد ٻڌايو ته نومبر جي ورڪشاپ لاءِ آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي حتمي فهرست جلد جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ورڪشاپ جو مقام ۽ ٻين تفصيلن تي ڪاميٽي جي پهرين اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو.

ڊاڪٽر سعيد اعلان ڪيو ته هن ڪانفرنس ۾ نه صرف ملڪي پر پرڏيهي ماهر پڻ شريڪ ٿيندا. هن چيو ته اها ورڪشاپ ۽ ڪانفرنس خاص طور تي انهن نوجوان ڊاڪٽرن لاءِ انتهائي مفيد ٿيندي، جيڪي هئير ريسٽوريشن جي شعبي ۾ قدم رکڻ چاهين ٿا. ساڳئي وقت اها تقريب تڪڙي رفتار سان پکڙيل ڪوئڪري (اتايت) جي خاتمي ۾ به مددگار ثابت ٿيندي ۽ عوام جو اعتماد پروفيشنل تربيت يافته ڊاڪٽرن تي وڌندو.

ڊاڪٽر سعيد وڌيڪ چيو ته هي ايونٽ پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي هڪ موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن سان ميڊيڪل ريسرچ، تعليم ۽ اقتصادي ترقي جا نوان امڪان پيدا ٿيندا، خاص طور تي ميڊيڪل ٽورازم جي واڌاري جون نيون راهون کلي وينديون.

ڪانفرنس لاءِ خاص پوسٽر، ايڊوانس بورڊ ۽ ٻيو تشهيري مواد به تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ اضافو ڪندو. ڊاڪٽر سعيد عزم ظاهر ڪيو ته ورڪشاپ کي عالمي معيار مطابق منظم ڪيو ويندو ۽ شرڪت ڪندڙن کي بهترين سهولتون مهيا ڪيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته:
“هي رڳو هڪ ڪانفرنس ناهي، پر پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز ۽ عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن کي منوان جو سنهري موقعو آهي. اها تاريخي ڪانفرنس پاڪستان جي هئير ريسٽوريشن شعبي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ ان جا مثبت اثر سالن تائين محسوس ڪيا ويندا.”

اپنا تبصرہ بھیجیں