شرجيل انعام ميمڻ سنڌ سرڪار طرفان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي گھر ڀاتين لاءِ ھڪ ڪروڙ رُپين جو امدادي چيڪ سندس ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي حوالي ڪيو

ڪراچي
10 جون 2024
سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄ اسان ڏکارا آھيون ته سنڌ جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي شهيد ڪيو ويو، اهو افسوسناڪ واقعو آهي ۽ ھي واقعو ان سوچ جي ڪڙي آھي جيڪا صحافت جي آزادي کي دٻائڻ چاهي ٿي، ان سوچ بابت هرڪو ڄاڻي آهي ۽ اها سوچ سڄي دنيا ۾ آهي، ان سوچ جو ڄمي مقابلو ڪرڻ حڪومتن جو ڪم آهي.
هن چيو ته گهوٽڪي پوليس ۽ ڊي آءِ جي سکر جي ڪوششن سان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو بھ جوابدار ھوندو ان کي بخش نه ڪيو ويندو، ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ميڊيا کي باخبر رکيو ويندو. اڄ شهيد صحافي جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏئي رهيا آهيون. پئسو ڪنهن جي زندگي جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي، اسان کي شهيد جي گھرڀاتين سان دلي همدردي آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي اڄ شهيد صحافي جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپين جو امدادي چيڪ ڏنو پيو وڃي. هي هڪ ڪاز لاءِ ڪمٽمينٽ آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت آزاد ۽ شفاف صحافت چاهين ٿا.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميج خراب ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف مهم ھلائي وئي پر اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي صحافين سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيٺي آهي. پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ تحمل ۽ برداشت جو مظاھرو ڪرڻ واري ۽ صحافين ۽ صحافت لاءِ ڪم ڪرڻ واري واحد پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي آھي، پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ واحد پارٽي آهي جيڪا صحافت جي آزادي لاءِ سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريندي آهي.
هن چيو ته جڏهن صحافي نصرالله گڏاڻي کي گوليون لڳيون ته پوليس فوري طور تي پهچي کيس اسپتال منتقل ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي پنجن منٽن اندر خط لکي سندس آغا خان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو چيو، پر زندگي ۽ موت جي وچ ۾ الله جي هٿ ۾ آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جڏهن صحافي ڀائرن سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ته ان وقت مون ۽ گهرو وزير يقين ڏياريو هو ته شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، الحمدالله قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، قتل جو جيڪو به ذميوار هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ عزت کي ڇيھو رسائڻ وارو جيڪو بل آندو ويو آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي ان جو حصو ناھي، پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ پنجاب جي گورنر ان بل تي صحيح ناهي ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ صحافين جي حوالي سان جيڪي به واقعا ٿيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت شهيد ولي بابر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن کي ريگستاني علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن.اهڙي ريت شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي به گرفتار ڪيو ويندو.پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ شهيد جان محمد مهر جي گهر ويو.
ھن چيو تھ سنڌ پوليس شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي ويجھو پھچي چُڪو آھي، ٿي سگھي ٿو تھ جلد اھا خبر اچي وڃي تھ شھيد جان مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بھتري لاءِ سنڌ جو وڏو وزير، گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ بھترين ڪوششون ڪري رھيا آھن، ڪراچي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ جي ٻئي مرحلي جي لاءِ رقم جاري ڪئي وئي آھي.
ھن چيو تھ منشيات خلاف سڄي صوبي ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آھي، اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ منشيات فروش پڪڙيا ويا آھن، حيدرآباد مان منشيات جو وڏو ڊيلر ۽ 15 سالن کان گرفتار کان بچندڙ منشيات جو ماسٽر مائينڊ گرفتار ڪيو ويو آھي، جوابدار کي منشيات جي دُنيا جي ناني سمجھيو ويندو ھو ۽ آئيس ۽ ڪرسٽل جو تمام وڏو ڊيلر ھو.
ھن چيو تھ منشيات فروش خير گھرن ۽ ھي ڪم ڇڏي ڏين، ٻي صورت ۾ سندن انجام عبرتناڪ ٿيندو، بدقسمتي سان پوري پاڪستان ۾ تعليمي ادارن اندر منشيات زور وٺي رھي آھي، ڪٿي ڪٿي ماڻھو اسٽيٽس سمبل طور بھ منشيات کي استعمال ڪري رھيا آھن، منشيات خلاف خطرناڪ ڪريڪ ڊائون ھلي رھيو آھي، صدر آصف علي زرداري جو پھريون اوپننگ نوٽ بھ منشيات جي خلاف ئي ھو.
ان موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ سرڪار طرفان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي گھر ڀاتين لاءِ ھڪ ڪروڙ رُپين جو امدادي چيڪ سندس ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي حوالي ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں