
ڪراچي (09 جون 2024) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيا ناظم آباد ۾ خوشگوار انداز ۾ ڳالھائيندي چيو ته اسان [پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم] آمريڪا خلاف ميچ ان ڪري ھارايو ڇاڪاڻ آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آھن پر اسان جي ٽيم ڀارت کي ضرور مزو چکائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن نيا ناظم آباد ۾ نيا ناظم آباد جمخانه، جامع مسجد ۽ فلائي اوور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جتي کيس نيا ناظم آباد پروجيڪٽ جي سربراهه عارف حبيب دعوت ڏني هئي. پروگرام ۾ پارليمينٽ ميمبرن، واپارين، بينڪرز ۽ صنعتڪارن جو وڏو انگ شريڪ ھو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ٿي رھيو آهي، اسانجي ٽيم ڏاڍي مضبوط آهي ۽ هنن ڄاڻي واڻي آمريڪا خلاف ميچ ھارايو، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آھن پر اسان ڀارت کي ٽف ٽائيم ڏينداسين. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبي بابت ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي صوبي جي عوام کي انفراسٽرڪچر جا بهتر نتيجا ڏنا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول ڊولپمينٽ اٿارٽي، سنڌو درياهه تي ٻه پل، هڪ جھرڪ-ملان ڪاتيار پل ۽ ٻيو گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل، حيدرآباد کان ميرپورخاص روڊ، ڪراچي کان ٺٽو ڊبل ڪيريج وي ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس تي عملدرآمد ڪري بين الاقوامي مڃتا حاصل ڪئي آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت اعليٰ معيار جي زندگي گذارڻ لاءِ صحت، راندين ۽ تفريح جون سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ واري عزم تي قائم آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ويزن آهي ۽ اسان منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسٽريٽجڪ طور تي پوزيشن ۾ آھيون. هن وڌيڪ چيو ته هو اسٽريٽجڪ سھڪار ذريعي انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نجي شعبي سان ڀائيواري ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته نيا ناظم آباد جھڙن سماجي طور تي متاثر ڪندڙ منصوبي ان خلا کي پورو ڪرڻ ۽ معني خيز تبديلي آڻڻ لاءِ لازمي آھن. سيد مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي تعمير وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان روزانو 15 گهر ٺاهي رهيا آهيون ۽ هينئر تائين هڪ لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 8 لک گهرن جي تعمير جو ڪم جاري آهي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ


