ترقياتي اسڪيمون وقت سر مڪمل نه ڪرڻ تي ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير ناصر شاهه جو ڪاوڙ جو اظهار، لاڳاپيل آفيسرن کي ڇنڊ،

صوبي ۾ سموريون ترقياتي اسڪيمون هدف مطابق مڪمل نه ڪندڙ لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ناصر شاهه جو چتاءُ

ڪراچي (1 آگسٽ 2024: سنڌ جي ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ سموريون ترقياتي رٿائون مقرر ڪيل حدف مطابق مڪمل نه ڪندڙ لاڳاپيل آفيسرن خلاف سخت محکمانه ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ پي اين ڊي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو. اجلاس ۾ چيئرمين پي اين ڊي نجم احمد شاهه، اسپيشل سيڪريٽري پي اين ڊي زبير احمد چنا ۽ ٻين سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير ترقياتي اسڪيمن کي وقت تي مڪمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن کي مقرر وقت ۾ معيار مطابق مڪمل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اهي سستي ۽ ڪاهلي ڪندڙ آفيسرن سان سختي سان پيش ايندو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مان انهن آفيسرن سان گڏ بيٺو آهيان جن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ جيڪڏهن کين ڪا به تڪليف يا ڏکيائي پيش اچي ته هو فوري طور تي چيئرمين يا مون سان رابطو ڪري سگهن ٿا. ترقياتي اسڪيمن تي نظر ثاني ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان، دير جي حڪمت عملي نه رڳو تخميني ۽ لاڳت ۾ اضافو ڪري ٿي پر عوام کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ سان گڏ دولت جي نقصان کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ هدايتن موجب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا. ترقياتي اسڪيمن ذريعي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي مشڪلاتن کان بچائڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ اهو ئي سبب آهي جو حڪومت هن سال ڪا به نئين اسڪيم منظور نه ڪئي آهي بلڪ سمورن جاري اسڪيمن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي ترجيح آهي. ناصر حسين شاهه اجلاس ۾ اهو به چيو ته هو جلد چيئرمين پي اين ڊي سان گڏ مڪمل ڪيل اسڪيمن جو دورو ڪندو. ان موقعي تي صوبائي وزير انهن آفيسرن کي مبارڪون ڏنيون جن اسڪيمن کي وقت تي معيار موجب مڪمل ڪيو آهي ۽ ٻين آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي اسڪيمون جيڪي سست روي جو شڪار آهن انهن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير ان موقعي تي آفيسرن کي يقين ڏياريو ته جيڪي به اسڪيمون بجيٽ جي کوٽ يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري التوا جو شڪار آهن، انهن جي لسٽ ڏني ويندي ۽ هو هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته اهي رڪاوٽون دور ڪن. صوبائي وزير چيو ته موجوده حڪومت عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پي اين ڊي جي سمورن هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جو هڪ هڪ ڪري جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سمورين اسڪيمن کي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ رورل ڊولپمينٽ، ماڊل وليجز، ايس ايف اي آر پي جي اسڪيمن جو به جائزو ورتو ويو ۽ پي سي ون تي عمل ڪرڻ جون سخت هدايتون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ پيپلز اسڪوائر منصوبي جي رفتار ۽ روينيو گڏ ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شاپنگ سنٽرز جي ويجھڙائي ۾ عوام کي پارڪنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پارڪنگ پلازه ۽ خاص طور تي زينب مارڪيٽ ڀرسان انڊر گرائونڊ پارڪنگ سسٽم تي به غور ڪيو ويو. روينيو گڏ ڪرڻ ۽ پارڪنگ جي سهولتن جي سار سنڀال لاءِ ميڪنزم جوڙڻ تي پڻ زور ڏنو ويو اسڪيمن جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب فزيبلٽي اسٽڊيز ڪرائڻ جي ضرورت تي ذور ڏنو يو. اجلاس ۾ پي پي آر پي پروجيڪٽ ۾ مقامي برادري جي شموليت تي به غور ويچار ڪيو ويو عوام کي سستا گھر ڏي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناصر شاهه چيو ته منصوبن ۾ اونر شپ وڌائڻ لاءِ مقامي سياسي شخصيتن کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽کين شامل ڪيو وڃي. چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم احمد شاهه اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ جاري منصوبن بابت سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو.

هينڊ آئوٽ نمبر ….548 ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں