ٺٽو(ڊر) ٺٽي تعلقي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير ۽ يوسي ڄنگھڙي جا ڪافي بند ٿيل اسڪول کلي نہ سگھيا، ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل، ٻارڙن توڙي انھن جي والدين پاران ڊگھي عرصي کان بند ٿيل پرائمري اسڪول کولرائي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ زبون حال بلدنگس جي مرمت ڪرائي ان ۾ فرنيچر سميت گھربل سموريون سھولتون ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ ڪوھستاني ڳوٺ وڪيو جاکرو جي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن ڪوھستاني محمد انور جاکرو سان گڏ احتجاج ڪندي چيو آھي تہ سندن اسڪول ڪافي وقت کان بند ھجڻ ڪري سندن تعليم متاثر ٿي رھي آھي، ان کانسواء سندن اسڪول جي بلڊنگس بہ زبون حال بڻيل آھي، اسڪول ۾ فرنيچر سميت ڪابہ سھوليت ميسر ناھي، ڪافي دانھون ڪيون آھن، پر اسانجي بند ٿيل ھن اسڪول طرف ڪير بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، سماجي اڳواڻ ڪوھستاني محمد انور جاکرو انڪشاف ڪندي وڌيڪ چيو تہ يوسي جھمپير ۽ يوسي ڄنگھڙي ۾ ڪافي اسڪول بند ھجڻ سان گڏ اتان جي اسڪولن جون بلدنگون زبون حال بڻيل آھن، جيڪي ھميشہ خطري جي گھنٽي پيون وڄائين، پر تعليم کاتي سميت چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جون بہ نٿي سري، ھن چيو تہ ان کانسواء ڪافي اسڪولن ۾ فرنيچر سميت ڪابہ سھوليت موجود ناھي ۽ نہ ئي ڪافي اسڪولن کي سرڪاري ڪتاب ملي سگھيا آھن، جنھن ڪري سوين ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، سماجي اڳواڻ انور ڪوھستاني ۽ ٻين تعليم کاتي جي صوبائي وزير، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ ڪوھستاني پٽي ۾ بند ٿيل سمورن اسڪولن کي کولرائي استاد مقرر ڪري شاگردن کي تعليم جھڙي زيور سان نوازي زبون حال بلڊنگس جي مرمت ڪرائي اسڪولن ۾ فرنيچر، سرڪاري ڪتاب مھيا ڪرڻ سان گڏ سموريون سھولتون مھيا ڪري ڪوھستان واسين جي زمينن تي ٿيندڙ غير قانوني قبضا توڙي والارون ختم ڪرائي ڪوھستان واسين جا ڳوٺ پڪا ڪري کين پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، روڊ، رستي، روزگار سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
https://sports.jeeveypakistan.com/Jeevey Pakistan Sports Website


