ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ انصاف جي بالادستي ناگزير آهي، منصور احمد شيخ

عمران خان جي ناحق قيد ختم ڪئي وڃي، عوامي راءِ جو احترام لازمي آهي، منصور احمد شيخ
آزاد عدليه ۽ ميڊيا انصاف جي فراهمي لاءِ ضروري آهن، منصور احمد شيخ

ڪراچي (پريس رليز 20 آڪٽوبر) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيئرمين صدر ٽائون منصور احمد شيخ پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جو خاتمو وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي۔ سياسي اڻ استحڪام سبب معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي، هاڻي وڌيڪ صورتحال بگڙڻ بدران ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي۔

منصور احمد شيخ چيو ته باني چيئرمين عمران خان ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ناحق قيد ۾ آهن، جن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي۔ هن چيو ته جمہوريت عوام جي ووٽ سان قائم ٿيندي آهي، ۽ عوامي راءِ جو احترام بنا ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام ممڪن ناهي۔

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت آهي، جنهن کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪريل معيشت کي سنڀالڻ لاءِ سياسي استحڪام آڻڻ لازمي آهي، ۽ ان لاءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ انصاف جي حڪمراني ضروري آهي.

منصور احمد شيخ وڌيڪ چيو ته انصاف جي فراهمي لاءِ آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا بنيادي ٿنڀ آهن۔ جيستائين انهن ٻنهي ادارن کي مڪمل آزادي حاصل نه ٿيندي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن نٿو ٿي سگهي۔

جاري ڪيل: ميڊيا سيل، چيئرمين صدر ٽائون، پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي۔

اپنا تبصرہ بھیجیں