پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيداحمد ميراڻي چيو آهي ته عمران خان 9 مئي تي انتشار پکيڙي ملڪ خلاف گهنائوني سازش ڪئي، پي ٽي آءِ دهشتگرد ماڻهن جي جماعت آهي

سکر( ) پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ضلعي جي صدر خورشيداحمد ميراڻي چيو آهي ته عمران خان 9 مئي تي انتشار پکيڙي ملڪ خلاف گهنائوني سازش ڪئي، پي ٽي آءِ دهشتگرد ماڻهن جي جماعت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ن ليگ ضلعي سيڪريٽري ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائڻ دوران ڪيو هن وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ مسلم ليگ ن جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي مسلم ليگ ن خالي نعرن تي يقين رکڻ واري پارٽي ناهي بلڪي عملي ڪم ڪري ڏيکارڻ واري پارٽي آهي، 9 مئي واقعي ۾ ملوث عنصر ڪنهن همدردي جا مستحق ناهن، شهدين جي نالي سان منسوب يادگارين کي ساڙڻ، ٽوڙڻ پاڪستان ۽ قانوني سان بغاوت جي واضح نشاني آهي ڪلمه طيبه، درود سلام جي بيحرمتي ۽ فوجي تنصيبات، قائد اعظم جي قيام گاهه کي ساڙڻ مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي تي ملڪ کي ساڙڻ واري واقعي ۾ گهڻو نقصان پهتو آهي جنهن جو ازالو ڪو به نٿو ڪري سگهي، زمان پاڪ ۾ پيٽرول بم اڇلايا ويا، پوليس تي تشدد ڪيو ويو ۽ قومي ادارن کي ساڙيو ويو ان تمام ڪمن جو عمران خان کي حساب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ ماڻهن دهشتگرد آهن جن سانحه 9 مئي تي ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ان واقعي سبب پاڪستان جي سموري دنيا ۾ رسوائي، بدنامي ٿي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان احتجاج دوران پوليس ۽ فوج جي گاڏين کي ٽوڙڻ، ڏنڊن هڻڻ ۽ بعد ۾ انهن کي باهه ڏئي ساڙڻ سواءِ ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي تحريڪ انصاف جو ڪردار عوام آڏو اچي چڪو آهي آخر ۾ خورشيد ميراڻي چيو ته ن ليگ پاڪستان جي خدمت ۽ ان جي بقاءَ لاءِ قربانيو ڏئي رهي آهي پاڪستان جي عوام ڪڏهن به عمران خان جو ساٿ نه ڏيندو، عمران خان ملڪ جي معيشيت کي وڏي پيماني تي نقصان پهچايو آهي ۽ پاڪستاني عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪ فوج جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ پيش ڪيل بيشمار قربانيون جو قدر ڪري ٿي.

اپنا تبصرہ بھیجیں