ٻهراڙي، جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ 5 لک گهر اڃا تائين هر قسم جي بجلي کان محروم آهن، سيد ناصر حسين شاهه

تاريخ 1 اپريل 2024
ٻهراڙي، جابلو ۽ ريگستاني علائقن ۾ 5 لک گهر اڃا تائين هر قسم جي بجلي کان محروم آهن، سيد ناصر حسين شاهه
سولر پينل لڳائي اڄ تائين بجلي کان محروم گهرن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، ڪم شروع ٿي ويو آهي، وزير توانائي سنڌ
ڪراچي (1 اپريل) توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٻهراڙي، جابلو ۽ ريگستاني علائقن جا پٺتي پيل خاندان اڃا تائين هر قسم جي بجلي کان محروم آهن، انهن سمورن علائقن جي گهرن کي سولر پينل لڳائي انهن جي گهرن کي روشن ڪيو ويندو. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي عملي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، اهي سمورا قدم چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور ۽ ويزن تحت کنيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي جي حڪومت رڳو دعوائن ۾ نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه ان موقعي تي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي سولر پارڪ ٺاهڻ جو پڻ منصوبو آهي، جنهن مان ڪراچي ويجهو لڳل سولر پارڪ مان پيدا ٿيندڙ 50 ميگا واٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي ڏني ويندي ته جيئن گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي سهولت ڏئي سگهجي. اهڙي ريت حيسڪو ۽ سيپڪو ذريعي لاڳاپيل علائقن جي عوام کي بجلي جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. ڪچري مان بجلي پيدا ڪرڻ تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ ان تي جلد عمل ڪيو ويندو. ناصر شاهه چيو ته ايندڙ بجيٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور جي 10 نقاطي ايجنڊا تحت تيار ڪئي پئي وڃي. ۽ ان تحت سولرائيزيشن ذريعي عوام کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. اسان کي وفاق ۾ مينڊيٽ نه ملي سگهيو آهي تنهنڪري سنڌ ۾ اهو ڪم جاري رکنداسين. اسان کي پڪ هئي ته وفاق ۾ مينڊيٽ ملندو پر ائين نه ٿيو، جيڪڏهن مينڊيٽ ملي ها ته اسان سڄي ملڪ جي عوام لاءِ اها سهولت ڏيون ها. ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي ڪري سوين ماڻهن جون جانيون بچائي ۽ کين شهيد پڻ ٿيا آهن. ميڊيا کي به گهرجي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي قدمن جي مثبت رپورٽ ڪن ۽ اهڙن قدمن کي اجاڳر ڪن. عوام جي حفاظت لاءِ نگران حڪومت کان اڳ پڪٽس لڳايا ويندا هئا ۽ ٻاهران ايندڙن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي هئي ته اهي ڪٿان ۽ ڇو آيا آهن. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اهو سلسلو ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي عملي قدم کنيا آهن ته جيئن عوام جي زندگين کي محفوظ بڻائي سگهجي. اسان کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان گهڻي اميد آهي جنهن انقلابي فيصلا ڏنا آهن خاص ڪري ڀٽو شهيد جي عدالتي قتل بابت. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آصفه بي بي جي ڪاميابي کي ڄاڻي واڻي تڪراري بڻايو پيو وڃي جڏهن ته آصف علي زرداري هن سيٽ تان هڪ لک 140 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته فيصل واوڊا چونڊجي ويو. حافظ نعيم کي به اسيمبلي ۾ اچڻ گهرجي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ اسان جي حڪومت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڏهه نقاطي پروگرام تي ٻنهي صوبن ۾ عمل ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ وارا يوٽرن جا ماهر آهن.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر انفارميشن / ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ
وزير توانائي، ترقي ۽ رٿابندي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں