سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي ۾ به ايڪتا قومي ڏينهن کي قومي تهوار طور ڀرپور نموني سان ملهايو ويو هر طرف ايڪتا جا ثقافتي انڊلٺي رنگ نکريل رهيا ٺٽي ۾ ايڪتا جي مرڪزي ريلي مين سرڪي چوڪ کان مڪلي تائين ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شامل شھري نوجوان قومي گيتن تي جهومندا رهيا

ٺٽو علي گوهر قمبراڻي
سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي ۾ به ايڪتا قومي ڏينهن کي قومي تهوار طور ڀرپور نموني سان ملهايو ويو هر طرف ايڪتا جا ثقافتي انڊلٺي رنگ نکريل رهيا ٺٽي ۾ ايڪتا جي مرڪزي ريلي مين سرڪي چوڪ کان مڪلي تائين ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ شامل شھري نوجوان قومي گيتن تي جهومندا رهيا نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پهچي ايڪتا جي ريلي مک ايڪتا تقريب ۾ تبديل ٿي وئي جتي خطاب ڪندي مقررين چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان جي لاء قومي عيد جو ڏينهن آھي هن ڏينهن تي اسان پنهنجي ڌرتي ثقافت تھذيب سان محبت جو اظھار ڪندي هر قسم جي انتهاپسندي ۽ سنڌو درياءُ تي 6 ڪئنالن جي تعمير واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. ٻئي طرف ٺٽي جي قومپرست جماعتن پاران مڪلي کان ٺٽي تائين ايڪتا ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي راول ڪرناڻي امجد شورو ياسر جاکرو شيراز ميمڻ عمران خشڪ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ سنڌو دريا تي 6 ڪئنال نامنظور سنڌ زنده باد ثقافت زنده باد جا نعرا هنيا ويا. هوڏانھن ٺٽي جي ضلعي انتظاميه پاران پڻ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي پوليس لائين مڪلي کان ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي اڳواڻي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن توڙي اين جي اوز جي نمائيندن تي مشتمل ريلي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پهتي جتي خطاب ڪندي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان چيو ته سنڌ جي ثقافت امن ۽ رواداري پوري دنيا لاء ھڪ مثال آھي اسان ايڪتا جي هن ڏينهن تي پوري ملڪ جي عوام کي اهو پيغام پهچائڻ ٿا چاهيون ته رواداري امن ۽ ڀائيچارو اسانجي سڃاڻپ آھي. هوڏانهن ٺٽي جي نوجوان علي رضا بروهي نور محمد شاھ طارق شيخ ارجن ڪمار ۽ عمير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٺٽي کان مڪلي تائين موٽر سائيڪل ايڪتا ريلي ڪڍي وئي جيڪا نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پهتي جتي نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هڻي قومي ايڪتا جو اظھار ڪيو جڏھن ته ايس ٽي پي جي ڪارڪنن حيدر شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ نيشنل پريس ڪلب ٺٽو پهچي ايڪتا جو اظھار ڪندي ايس ٽي پي پاران سڀاڻي شام جو ايس ٽي پي هائوس مڪلي تي ايڪتا ثقافتي تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. جڏھن ته مختلف ايڪتا ريليون نڪرنديون رهيون ۽ ٺٽي ۽ مڪلي جا روڊ رستا ۽ گهٽيون توڙي گليون ثقافتي انڊلٺي رنگن سان رنگيل رهيون ۽ ھر طرف سنڌ زنده باد ايڪتا زنده باد جا نعرا گونجندا رهيا

اپنا تبصرہ بھیجیں