
موهن جو دڙو(رپورٽر)آمريڪا ۽ آسٽريليا کان پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتا.پرڏيهي وفد ماڳ گهمي ڏٺو.جڏھن ته پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا.جڏھن ته موهن جو دڙو انتظسميه پاران پرڏيهي وفد جو استقبال ڪيو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.پرڏيهي وفدن کي سنڌ ٽوئرزم جو موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي تاريخ ۽ تهذيب بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي آمريڪا وفد جو اڳواڻي ڪندڙ





وائيٽ تانيال ۽ آسٽريليا وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ايڊمز ڊيوڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھنن چيو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا جي وڏي تهذيب آهي.هنن چيو تہ قديم زماني جا ماڻهو وڏا ذهين ۽ ڪاريگر هيا جن انساني تهذيب جو بنياد رکيو.جنهن تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي.هنن چيو ته اسان موهن جو دڙو انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيون ٿا جنهن اسان کي موهن جو دڙو جي تاريخ تهذيب بابت ڄاڻ ڏني ۽ اسان کي پنهنجي ثقافت جي تحفن سان نوازيو.هوڏانهن پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.


