سنڌهيومن رائيٽس ڪميشن ،آوازفائونڊيشن ،سينٽرفارڊوليمنٽ سروسز ۽ ناري فائونڊيشن جي سهڪار کان پراونشل اسٽيڪ هولڊرزالائنس جو اجلاس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهيومن رائيٽس ڪميشن ،آوازفائونڊيشن ،سينٽرفارڊوليمنٽ سروسز ۽ ناري فائونڊيشن جي سهڪار کان پراونشل اسٽيڪ هولڊرزالائنس جو اجلاس هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪوٽايو ويو .جنهن ۾ سنڌهيومن رائيٽس ڪميشن جي چئيرپرسن ۽ ممبرن،سول ساسوئٽي ،سرڪاري آفيسر ،سماجي ڪارڪن ،وڪيلن ۽ ميڊيا جي نمائندن سنڌايگريڪلچرورڪرزايڪٽ 2019ع لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .اجلاس ۾ سنڌ ۾ عورتن جي زرعي مزدورن لاءِ قانون تي بحث ڪيو ويو.ان موقعي تي سنڌهيومن رائيٽس ڪميشن جي چئيرپرسن اقبال ڏٽيو هن ڳالهه تي زورڏنو ته سمورن صوبائي ليبر قانونن کي آئيني شقن ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي ڪنوينشنن موجب لاڳو ڪيو وڃي. اهم آئيني آرٽيڪل ۽ ڪنوينشن کي اجاگر ڪندي اقبال ڏٽيو ڪم جي جڳه ۾ انجمن جي آزادي،احتماعي سودي بازي ،صنفي مساوات ۽ سماجي تحفظ جي اهميت ڏني آهي .ليبر آفيسر رجو مل چيو ته سنڌ وومين ايگريڪلچر ورڪرز ايڪٽ 2019 ع ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ اهم قانون سازي جو سنگ ميل آهي.جيڪو ڪهڙي ملڪ ۾ موجود نه آهي .هن چيو ته ضابطا نظرثاني لاءِ آءِ ايل او ڏانهن موڪليا ويا آهن ۽ پوءِ نظرثاني لاءِ قانون کاتي ڏانهن موڪليا ويندا. هن چيو ته هئي ايڪٽ زرعي شعبي ۾ عورتن جي مزدورن لاءِ ضروري شرطن کي يقيني بڻائي ٿو ته انهن جي ڀلائي، تحفظ ۽ حقن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.مشاورت ۾ موجوده ليبر قانونن ۾ ترميمن ۽ ترقي پسند قدمن جهڙوڪ ٽرانسپورٽ جي فراهمي، عورتن جي مزدورن لاءِ الڳ سهولتون ۽ سنڌ جي بانڊڊ ليبر سسٽم (خاتمو) کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ضلعي ويجيلنس ڪميٽين (DVCs) جي قيام تي پڻ بحث ڪيو ويو. مشاورتي اجلاس ۾ سنڌ ميٽرنٽي بينيفٽس ايڪٽ 2018 ۽ سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ 2018 جهڙا قدم صنفي تفاوت کي دور ڪرڻ ۽ سڀني مزدورن لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جو غرم ڪيو ويو .سرڪارن جي نمائندن چيو ته سنڌ حڪومت 22 پراڻن قانونن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، انهن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مزدورن جي ضابطن کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ مزدورن لاءِ جامع تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ.جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي .ان موقعي تي شفقت لاڙڪ، فرحت پروين، بئريسٽر ردا، اڪرم خواجه، عبدالحميد شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں