ڪرسمس جي موقعي تي سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي جي مسيحي ملازمن ۾ تحفي طور چيڪ ورهايا ويا.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي حڪم تي سي پي او ڪراچي جي 31 مسيحي ملازمن ۾ ڪرسمس جي موقعي تي تحفي طور چيڪ ورهايا ويا.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ هڪ سادي تقريب دوران اي آءِ جي ايڊمن سيد علي آصف 31 ملازمن ۾ چيڪ ورهايا جن ۾ هڪ عورت ملازمه به شامل آهي.

آءِ جي سنڌ پنهنجي پيغام ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي ۽ سنڌ پوليس جي طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
======================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں