جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، اڳوڻي صدرآصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس جاري، 19 فئبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

نوٽيس ۾ جوابدارن کي 19 فئبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، گذريل سال آگسٽ ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو

==========================


شهزاد اڪبر، فرح گوگي ۽ ذلفي بخاريءَ جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي احتساب عدالت شهزاد اڪبر، فرح گوگي ۽ ذلفي بخاريءَ جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

جج محمد بشير 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ فرح گوگي جا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽس سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو

عدالت جوابدارن جي نالي تي رجسٽرڊ گاڏيون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اشتهاري قرار ڏيڻ بعد جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں