سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو آهي تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر اداري جي بهتري ۽ شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن

ڪراچي:- ( ) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو آهي تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر اداري جي بهتري ۽ شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اداري جي آمدني بابت ھلندڙ مختلف خبرون بي بنياد آهن، هن جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي سيپٽمبر مهيني ۾ آمدني 1 ارب 52 ڪروڙ رپيا، آڪٽوبر 1 ارب 58 ڪروڙ، نومبر 1 ارب 43 ڪروڙ رپيا ۽ گذريل مهيني جي آمدني 1 ارب 67 ڪروڙ رپيا ٿي ھئي جيڪا واٽر ڪارپوريشن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ چيو تہ اداري جي حوالي سان ڪو بہ سرڪاري موقف ڏيڻ جو اختيار رڳو ترجمان واٽر ڪارپوريشن کي آهي جڏهن تہ ته اداري جي ڪنهن بہ آفيسر يا ملازم جو بيان اداري سان منسوب نہ ڪيو وڃي ۽ اهڙي عمل کان پاسو ڪيو وڃي.

==============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں