
ڪراچي. محمد ساجد جوکيو جي سربراهي ۾ عوامي مسئلن کي جلد حل ڪرائڻ لاءِ يوسي آفيس ۾ اجلاس طلب، علائقي جي معززين سميت سوشل سماجي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، اجلاس ۾ علائقي واسين پاران مسئلن جا دفتر کولي ڇڏيا، ساجد جوکيو پاران تمام مسئلن کي جلد حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني تفصيل موجب ملير جي ڪاروباري علائقي مرا د ميمڻ ڳوٺ ۾ اليڪشن ۾ چونڊجي آيل ايم پي اي محمد ساجد جوکيو جي سربراهي هيٺ يوسي مراد ميمڻ آفيس ۾ عوام جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ اجلاس گهرايو اجلاس ۾ يوسي آفيس انتظاميا سميت، ايجيوڪيشن، ايليمينٽري ۽ ايجوڪيشن ورڪس ڊويزن ملير صحت کاتي پبلڪ هيلٿ، گڏاپ ٽائون انتظاميه سميت تمام ادارن جا آفيسر ۽ عملي سميت پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ علائقي جي معززين سميت سوشل سماجي ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان دوران علائقي جي معززين رمضان ميمڻ، حڪيم خاصخليي، شفيع بروهي، جميل ميمڻ، حبيب الله ميمڻ، حاجي راشد ميمڻ سميت ٻين محمد ساجد جوکيو کي علائقي ۾ پيش ايندڙ اسڪولن جي اڌوري اڏاوت، گهٽين ۾ موجود گندگي ۽ پاڻي جي کوٽ بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪافي عرصي کان گلستان مصطفيٰ، شفيع محمد پاڙو، الهندو پاڙو، حاجي احمد پاڙو سميت مختلف پاڙن جي گهٽين ۾ گندگي ۽ آلودگي وڌي رهي آهي پئيڻ جي صاف پاڻي جي لائنن ۾ گٽر جو پاڻي مڪس ٿي رهيو آهي ڪافي گهٽين ۾ پيڻ جي صاف پاڻي جون نيون لائنن جي کوٽ آهي جنهن ڪري علائقي واسي ڏوران پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. اجلاس جي اڳواڻ محمد ساجد جوکيو علائقي معززين جي شڪايتون ٻڌڻ بعد موجود تمام آفيسرن کي عوامي مسئلن کي جلد حل ڪرائڻ بابت حڪم ڏيندي چيو ته اسانجي پيپلز پارٽي جو منشور عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي ڪنهن به اداري بابت عوام پاران شڪايت وصول ٿيندي ته ان اداري جي آفيسرن خلاف فلفور ايڪشن کنيو ويندو ايم پي اي محمد ساجد جوکيو پاران علائقي جي معززين کي يقين ڏيارو ته تمام جلد توهانجي مسئلن کي ڪرايو ويندو. ان موقعي تي يوسي وائيس چيئرمين سليم ميمڻ، وڏيرو منظور ميمڻ، عبدالغفور جوکيو، اڪبر جوکيو، حبيب الله ميمڻ، الطاف خاصخيلي، حاجي راشد ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.


