جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ٿراپي اينڊ ريهبليٽيشن ۾ ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي وئي، ٽيسٽ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو.

تفصيل موجب، ڪنٽرول اگزامنيشن ڊاڪٽر انيتا شاهه موجب، بي ايس ايم ٽي پروگرام لاءِ مجموعي طور تي 260 سيٽن مان 236 اوپن ميرٽ ۽ 24 سيلف فائننس سيٽن تي 11 سئو اميدوارن جڏهن ته ڊاڪٽر آف فزيڪل ٿراپي پروگرام لاءِ مختص سيٽن مان 90 اوپن ميرٽ ۽ 10 سيلف فائننس جي سيٽن لاءِ اٽڪل 12 سئو شاگردن ۽ شاگردياڻين انٽري ٽيسٽ حصو ورتو.
پڌرائي موجب، انٽري ٽيسٽ يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري شعبي جي ڪنٽرولر ڊاڪٽر انيتا شاهه ۽ ايڊميشن سيل جي ڊائريڪٽر فاطمه عابد جي نگراني هيٺ ورتي وئي.
ٽيسٽ جا سمورا انتظام سنڀالڻ لاءِ ڊپٽي ڪنٽرولر ايگزامنيشن سني راجا ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. داخلا ٽيسٽ جي شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ نگران ٽيم جي سان گڏ انسٽيٽيوٽس جي سربراهه ڊاڪٽر عمران ۽ ڊاڪٽر محمد خان به موجود هئا.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ داخلا ٽيسٽ جي ڪاميابي تي ڪنٽرولر ايگزامنيشن ڊائڪٽر انيتا شاهه، داڪٽر فاطمه عابد ۽ امتحانن واري شعبي جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں