چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ پاران مرحليوار تحريڪ جو اعلان، سنڌ پنجاب بارڊر به بند ڪنداسين: راشد محمود سومرو

گاجي کهاوڙ (رپورٽر) چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ پاران مرحليوار تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي آفيسن آڏو ڌرڻا هنيا ويندا

چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف جي يو آءِ پاران سڀاڻي ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته اسيمبلي ۾ جنهن ڏينهن اميدوار حلف کڻندا ته ڏھ لک ڪارڪن گڏ ڪري اسيمبلي جو گهيراءُ ڪنداسين

هن چيو ته سڀاڻي اليڪشن ڪميشن ضلعي آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين، ٻئي ڏينهن تعلقي پريس ڪلبن آڏو ۽ ٽئين ڏينهن ڊي سي آفيسن آڏو احتجاج ڪنداسين

جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته چوٿين ڏينهن ڪراچي صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو ۽ پنجين ڏينهن سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻا هڻنداسين

هي به پڙهندا

TAGStaza_tareen

اپنا تبصرہ بھیجیں