بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه امڪان ناهي: چيف اليڪشن ڪمشنر


چونڊن کان 6 ڏينهن اڳ بيلٽ پيپرز تبديل ڪرڻ جو چيو وڃي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو رستو هوندو؟ چونڊن جي تياري ۾ رڳو بيلٽ پيپرز جو مسئلو آهي، چونڊن لاءِ تياريون اطمينان جوڳيون آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه

سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي، اجلاس ۾ انٽيليجنس ادارن خاطريون ڪرايون، مٿن اعتماد آهي، چونڊن ۾ سيڪيورٽي لاءِ فوج، رينجرز ۽ ايف سي کي مقرر ڪيو ويندو، جتي ضرورت پئِي، اُتي وقت کان اڳ فوج مقرر ڪئي ويندي، ڪجهه حساس علائقن ۾ موبائيل فون سروس بند ڪري سگهجي ٿي

هڪ سوال جي جواب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اي سي پي آڏو سموريون پارٽيز برابر آهن، پي ٽي آءِ جا وڪيل ثبوت نه ڏئي سگهيا ته ڪٿي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي آهي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو معاملو اڃا تائين اليڪشن ڪميشن وٽ نه آيو آهي

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

.

اپنا تبصرہ بھیجیں