
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز “لمس“ طرفان لاڙڪاڻي ۾ لمس ليباريٽري جي هڪ ٻي برانچ جو افتتاح ڪيو ويو. آهي. ان سلسلي ۾ لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن تي لاڙڪاڻي شهر ۾ لمس ليباريٽري جي هڪ وڌيڪ برانچ جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ لمس جي سينيئر عملدارن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رائو فرمان علي، ٽيڪنيڪل مئنيجر محمد مشارق، ايڇ آر اينڊ ڪوالٽي مئنيجر فيصل عمران، ريجنل مئنيجر غلام نبي پيرزادو، مارڪيٽنگ مئنيجر حسن عاشق پٺاڻ، ڪليڪشن يونٽ انچارج زاهد عباسي، سينيئر صحافي محمد عاشق پٺاڻ ۽ ٻين شرڪت ڪري گڏجي ليباريٽري جو افتتاح ڪيو ۽ دعا گهري.



ان موقعي تي لمس يونيورسٽي جي عملدارن جو چوڻ هو ته وائس چانسلر لمس يونيورسٽي پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ لمس ليبارٽريز جون سوين شاخون عوامي خدمت ۾ مصروف آهن جتي روزانو جي بنياد تي هزارين مريضن کي گهٽ قيمتن ۾ اعليٰ معيار جون ليب ٽيسٽ جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته لمس ليبارٽريز طرفان ڪورونا وبا دوران سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي وقت سر هزارين پي سي آر ٽيسٽون ڪري صحت جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو ڇاڪاڻ لمس جو مقصد صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سهولتون کي وڌائي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن عام ماڻهن کي صحت جي شعبي سان مشڪلاتون پيش نه اچن.


